Thursday , April 25 2024

بند ڪيل نيساسڪ جي آفيسرز کان گاڏيون واپس ورتيون وڃن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي:واٽر ڪيشمن

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار)پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم، ايس 3 ۽ 5 ٽريٽمينٽ پلانٽ منصوبن ۾ وفاقي حڪومت طرفان رقم جاري ڪرڻ کان انڪار  ڪرڻ تي پلاننگ ڪميشن جي سربراهه کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. پاڻي ڪميش جي ڪارروائي دوران چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي پلاننگ ڪميشن جو چيئرمين پيش ٿيا.  پلاننگ ڪميشن چيئرمين، پاڻي ڪميشن اڳيان پيش ٿيندي چيو ته وفاقي حڪومت ايس 3 ۽ 5 ٽريٽمينٽس گڏيل منصوبن لاءِ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻنهي منصوبن لاءِ وفاق کي 50 سيڪڙو فنڊز ڏيڻا هئا. پلاننگ ڪميشن سربراهه چيو ته ايڪنڪ جي اجلاس ۾ فنڊز فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي هئي، جڏهن ته اڄ تائين ايڪنڪ جي ان ميٽنگ جا منٽس به فراهم نه پيا ڪيا وڃن. چيف سيڪريٽري چيو ته وفاقي بيوروڪريسي منصوبن جي اڳڀرائي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. اهڙي آگاهي کانپوءِ پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پلاننگ ڪميشن سربراهه کي سمورا معاملا لکت ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *