Friday , March 29 2024

بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ 40 کان 65 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي کوٽ جي ور چڙهيل آهن:يونيسيف

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي هڪ سروري ۾ انڪشاف ڪيو ٿيو آهي ته، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ 40 کان 65 سيڪڙو معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ کي منهن  ئي رهيا آهن. يونيسيف سان گڏ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته، ڪوئيٽا جي ڀرپاسي وارن ٻهرڙين ۾ به 45 کان 65 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب سخت متاثر ٿي رهيا آهن. بلوچستان جي ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام بلوچستان جي صوبائي ڪوآرڊينينٽر ڊاڪٽر شير احمد استڪزئي جو چوڻ آهي ته، بلوچستان حڪومت ۽ يونيسيف پاران ٻارڙن ۾ خوراڪ جي کوٽ بابت گڏيل طور پشين، ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ضلعن ۾ ڪيل سروي مطابق انهن ض:عن ۾ 6 مهينن کان 5 سالن جي ٻارڙن تي سروي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مجموعي طور تي 40 کان 65 سيڪڙو ٻارڙا خوراڪ جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڪوئيٽا جي پنج ڀائي ۽ ڪاهان تعلقا وڌيڪ متاثر آهن. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته، صحت جي عالمي اداري جي مقرر ڪيل اصولن مطابق جتي جن به علائقن جي 15 سيڪڙو ٻارڙن ۾ خوراڪ جي کوٽ سامهون اچي اُتي فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لازمي بڻجي وڃي ٿو. ان ڪري ئي بلوچستان حڪومت چاغي، نوشڪي،واشڪ ۽ خاران سميت سوڪهڙي سبب متاثر ٻين علائقن ۾ ٻارڙن جي سروي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *