Tuesday , April 16 2024

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آپريشن،7 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

دهشتگردن سان جهيڙيندي شهيد ٿيل جوان

سبي/ڪوئيٽا(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي ڪٽ ڪلي، سبي ۽ ڪوهلو ڀرسان  سيڪيورٽي فورسز جي الڳ الڳ آپريشن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان جهيڙيدي 2 جوان شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪٽ ڪلي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو بندش وڌل تنظيمن سان هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد 2004 کان فورسز کي گهربل هئا. سيڪيورٽي فورسز پاران ڪٽ ڪلي ۾ ڪارروائي دوران 11 عورتن ۽ ٻارن کي دهشتگردن جي قبضي مان بازياب ڪرايو ويو. سيڪيورٽي فورسز تصديق ڪندي ڄاڻايو ته ڪٽ ڪلي جي علائقي ۾ 3 دهشتگرد ماريا ويا، جن جو واسطو بندش وڌل تنظيمن سان هو. بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻه جوان شهيد ٿيا ۽ 6 جوان زخمي ٿي پيا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آپريشن رد الفساد دوران ڪوهلو ڀرسان دهشتگردي جي واردات کي ناڪام بڻائيندي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.هٿ ڪيل هٿيارن ۾ ديسي بم،خودڪار هٿيار،سوين گولين جا رائونڊ ۽ ڏماڪيدار مواد  شامل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *