Saturday , April 20 2024

“ بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي اور سنڌ ”  جو استعمال “ گفتگو جي رواني ۾ استعمال ڪيو“: جميل سومرو

“ بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي اور سنڌ ”  جو استعمال “ گفتگو جي رواني ۾ استعمال ڪيو“: جميل سومرو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول  ڀٽو زرداري جي جمعي ڏينهن پهرين مئي تي ڪيل پريس ڪانفرنس دوران “ اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“، جو اسطلاح استعمال ڪرڻ تي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل اچڻ کانپوءِ، بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو پاران وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه ٽي وي چئنلز تي هلي رهيو آهي. اُهو بيان جيئن جو تيئن هتي پيش ڪري رهيا آهيون.

جميل سومرو جو سوشل ميڊيا تي هلندڙ وضاحتي بيان

ڪراچي (02 مئي 2020) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو آڱرين تي ڳڻڻ جيترن چند يتيم سياسي ڄامڙن پاران سندس پارٽي جي چيئرمين خلاف سوشل ميڊيا تي من گهڙت پروپيگنڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جميل سومرو چيو ته پريس ڪانفرنس دوران پي پي پي چيئرمين ڪراچي ۽ سنڌ وارو اصطلاح سياسي بنيادن تي استعمال نه پر گفتگو جي رواني ۾ ڪيو هو. هن چيو ته گفتگو دوران پي پي پي چيئرمين اِهي الفاظ اڳ ۾ صوبائي گادي واري هنڌ جو ذڪر ۽ ان کانپوءِ صوبي جي ذڪر واري پيرائي ۾ ادا ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پنهنجي ڌرتي، ملڪ ۽ عوام لاءِ خون جا نذرانا ڏنا آهن. جميل سومرو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو سنڌ جي وحدانيت ۽ ايڪتا بابت سدائين واضح موقف رهيو آهي ۽ ان معاملي تي نه اڳ مصلحت جو شڪار ٿي، نه آئيندي ٿيندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو سنڌ جي وحدت بابت سدائين هڪ ئي نعرو رهو آهي ته ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“. جميل سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جو عوام پي پي پي چيئرمين سان گڏ آهي، جڏهن ته هر ڳالهه کي تيلي مان ٿنڀ بنائڻ وارا عادي ماڻهو هميشه وانگر مايوس ٿيندا. هن چيو ته اها پيپلز پارٽي ئي آهي، جيڪا ڪراچي ۽ سنڌ واري اصطلاح آڏو اسيمبلين ۾ به لوهي ديوار بڻيل آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو بدنيتي جي بنياد تي ڪراچي ۽ سنڌ وارو اصطلاح استعمال ڪن ٿا، انهن تي ضرور تنقيد ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته هڪ نان اشو جي بنياد تي تنقيد ڪندڙ يتيم ڄامڙا پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن جي هر ساڃاهه وند کي مذمت ڪرڻ گهرجي.

” اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *