Wednesday , April 24 2024

فيصل آباد: ميان صاحب اوهان پاڻ کي ۽ دولت بچائڻ لاءِ اولاد کي سامهون آندو: بلاول

فيصل آباد:

پيپلزپارٽي حڪومت مخالف تحريڪ جي پنجاب مان شروعات ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميان صاحب پنهنجو مال بچائڻ جي لاءِ پنهنجن ٻارن کي اڳيان ڪري رهيو آهي، ذهني توازن وڃائي ويٺل ٻيو شريف وري وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي پر حڪمران ذاتي دوستي نڀائڻ ۾ پورا آهن.
پ پ پاران 4 مطالبن جي مڃتا لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ لاهور کان فيصل آباد تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي فيصل آباد پهچڻ بعد جلسي ۾ تبديل ٿي وئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي تحريڪ هاڻي چئن مطالبن تائين محدود نه رهندي، حقيقي تبديلي تائين تحريڪ جاري رکي ويندي.
هن چيو ته حڪمران پ پ وارن کي جيلن ۾ بند ڪندا رهيا ۽ پاڻ آف شور ڪمپنيون ٺاهي ملڪي ناڻو لٽيندا رهيا آهن، وقت اچي ويو آهي ته انهن جو سمورو حساب ورتو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب پنهنجو مال بچائڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي اڳيان ڪري رهيو آهي، ذهني توازن وڃائي ويٺل “ٻيو“ شريف وري وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر نوازشريف ذاتي دوستي واري پرڏيهي پاليسي تي عمل پيرا آهي.
هن چيو ته حڪمرانن ٽن سالن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪري بجلي سستي ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين پورو ناهي ڪيو، جنهن ڪري هر طرف گو نواز گو جو نعرو لڳي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شريف خاندان جي ملز ۾ ترقي ٿي رهي آهي، پر پورهيت طبقو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي، ڪرپٽ حڪمرانن کي نيڪالي ڏئي ملڪ کي بچائڻو آهي، جنهن لاءِ عوام پ پ جو ساٿ ڏئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *