Friday , April 19 2024

بلاول ايم ڪيو ايم جي باني جي تقريرن تي پابندي کي غلط عمل قرار ڏئي ڇڏيو

نيٺ ٻِلي ٿيلهي مان نڪري آئي! ايم ڪيو ايم باني جي تقريرن پابندي تي خاموشي تي پڇتاءُ

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم باني جي تقريرن تي پابندي واري معاملي تي پڇتاءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، ايم ڪيو ايم جي باني جي تقريرن تي پابندي غلط عمل هو، ۽ اسان ان خلاف آواز نه اٿارڻ سبب اڄ سڀ ڀوڳي رهيا آهيون. ڪراچي جي بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، وزيراعظم عمران خان امريڪا ۾ وڃي ڪوڙ ڳالهايو آهي ته ملڪ ۾ ميڊيا سينسرشپ ناهي، عمران خان پرڏيهه ۾ جلسي کي خطاب دوران مخالفن بدران اپوزشن تي تنقيد ڪرڻ ڪمزور شخص جي نشاني آهي. هن چيو ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ سينيٽ چيئرمين حاصل بزنجو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته گهوٽڪي جي چونڊ ۾ ڪاميابي ٽريلر آهي، ٻي اليڪشن به اچي پئي، صاف نظر اچي رهيو آهي ته ايندڙ سينيٽ چيئرمين حاصل بزنجو ئي ٿيندو.

صادق سجراڻي کي پهريان به چيو آهي ته اوهان جو مينڊيٽ ختم ٿي ويو آهي، اوهان کي پاڻ ئي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، بلاول سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ بابت ڳالهائيندي چيو ته، سمورن سينيٽرن کي چوان ٿو ته پيسا ڀلي وٺو، پر ووٽ اسان حق ۾ ڏجو، ڪٺ پتلين جو ساٿ ڏيندڙن کي واضح پيغام ڏيان ٿو ته پنهنجن صوبن جي حقن ۽ 18 هين ترميم تي سوديبازي ڪندئو ته اوهان کي شڪست ئي نصيب ٿيندي، بري طرح هارائيندئو. پ پ چيئرمين چيو ته 25هين جولاءِ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن جمهوري حقن جو جنازو ڪڍيو ويو هو، هڪ سال اڳ 2018 تي اڄوڪي ڏينهن جي ڪري اڄ ملڪ جو عوام مهانگائي جو سونامي ڀوڳي رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم جي امريڪي دوري بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان جي وزيراعظم پرڏيهه ۾ جلسي کي خطاب دوران به ملڪ جي مخالفن بدران اپوزيشن تي تنقيد ڪئي، اهو ملڪ جي تاريخي ۾ پهريون ڀيرو ٿيو ۽ اها ڪمزور شخص جي نشاني آهي. حڪومت کي امريڪا يا نيٽو ملڪن سان اهڙا واعدا ڪجن، جيڪي پورا ڪري سگهجن. عمران خان به اوور پرامس ڪيو، ان ۾ ناڪامي جي صورت ۾ صورتحال مان ٻاهر نڪري نه سگهنداسين. بلاول چيو ته اسان اڄ به نٿا چاهيون ته ڪو ادارا تڪراري بڻجي، پر سياست ۽ معيشت جي معاملن ۾ مداخلت ٿيندي ته ادارا تڪراري بڻجندا. بلاول ڀٽو چيو ته امريڪا ۾ وزيراعظم ڪوڙ ڳالهايو ته ملڪ ۾ ميڊيا سينسر شپ ناهي، کيس ائين چوڻ گهرجي ها ته سينسرشپ آهي ۽ ميڊيا جي آزادي جي حوالي ڪجهه مسئلا آهن، حل ڪنداسين، پر سندس ڪوڙ سان ڪهڙو پيغام ويندو؟ مريم نواز جي پريس ڪانفرنس بابت ڳالهائيندي بلاول چيو ته ٻڌو آهي ته مريم نوازشريف جي صحت بابت ڪجهه بيان ڪري رهي هئي پر سندس پريس ڪانفرنس سينسر ڪئي وئي، نوازشريف کي صحت جون سموريون سهولتون ملڻ گهرجن.

اين اي250ننڍي چونڊ، ڪاميابي تي جيالن جو جشن – سنجهورو ۾ غربت کان تنگ عورت 4 ٻارن سميت زهر پي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *