Friday , March 29 2024

بدنام دهشتگرد ۽ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج رئيس ماما گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ سميت دهشتگردي جي ڪيترن واقعن ۾ ملوث ايم ڪيو ايم ڪورنگي جواڳوڻو سيڪٽر انچارج رئيس ماما جي گرفتاري کي ظاهر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته، رئيس ماما کي انٽرپول ملائيشيا مان گرفتار ڪري پاڪستان منتقل ڪيو، جنهن کي گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ تان پوليس گرفتار ڪري ورتو. ايم ڪيو ايم ڪورنگي جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج رئيس ماما ايم ڪيو ايم جي حماد صديقي جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ متحده جي لنڊن ۾ موجود اڳواڻن سان به سڌا رابطا هوندا هئا.

ايس ايس پي ڪورنگي جو چوڻ آهي ته رئيس ماما ڪراچي ۾ ڀتا خوري، دهشتگردي جي ڪيسن سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسز ۾ گهربل هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ ملڪ مان ڀڄي ويو هو. ايس ايس پي موجب رئيس ماما جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽس جاري ڪيا ويا هئا، جنهن بعد وفاقي گهرو وزارت معرفت انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو ۽ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ انٽرپول سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. پوليس موجب انٽرپول ڪجهه وقت اڳ رئيس ماما کي ملائيشيا مان گرفتار ڪري ڪجهه قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد کيس پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪيو، جن رئيس ماما کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ڪراچي منتقل ڪيو ۽ ڪورنگي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته، رئيس ماما لياري ۾ محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪرڻ واري واقعي ۾ به ملوث هو، جنهن ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿيا هئا. ايم ڪيو ايم جو گرفتار ڪيل دهشتگرد رئيس ماما 12 مئي سانحي ۾ به شهر جي  مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي. ان کان علاوهه ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ واري علائقي ۾ پوليس وين تي حملي ۾ ملوث آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار شهيد ۽ زخمي ٿيا هئا. چڪرا ڳوٺ سان حي ۾ 2 جوابدار عاطف ۽ عبدالحڪيم اڳ ئي گرفتار ٿيل آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *