Saturday , April 20 2024

بحريا ٽائون ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڏي  ڪارروائي

بحريا ٽائون ڪراچي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي قائد ولاز نالي بنگلوز جون غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي ڇڏيون، ماڻهن جا ڪروڙي رپيا ٻڏي ويا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي بحريا ٽائون ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڪارروائي، قائد ولاز جي نالي تي ڪمرشل پلازا ۽ ٻيون غيرقانوني اڏاوتو ڊاهي ڇڏيون، پهرين مرحلي ۾ غير قانوني بنگلوز به ڊاٿا ويا آهن، ڪيترن ئي سيڙڦڪارن ۽ عام ماڻهن جا ڪروڙين رپياا ٻڏي ويا، متاثرن کي مٿي تي هٿ اچي ويا. ايس بي سي اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي آفيسر ڪارروائي ۾ رنڊڪ وڌي ۽ اگرن نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي ۾ بحريا ٽائون ۾ بحريا ٽائون ۽ هڪ ٻئي بلڊر پاران قائد ولاز بنگلوز جي اسڪيم کي ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ رياض جي بحريا ٽائون ڪراچي ۾ مختلف بلڊرز کي وڪرو ڪيل زمين جي ڌار ڌار حصن تي هلندڙ سمورا اڏاوتي ڪم رولڙي ۾ پوڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

ڪراچي:بحرياٽائون ۾ ايس بي سي اي غيرقانوني اڏاوتون ڊاهيندي-سنڌسماءَچار فوٽو

سنڌ سماءَچار کي ذفرريعن کان مليل ڄاڻ مطابق خميس ڏينهن ستاويهين/ 27فيبروريءَ تي هڪ بلڊر بسم الله بلڊرز جنهن جو مالڪ عبدالرزاق ميمڻ ٻڌايو پيو وڃي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي بنگلوز منصوبي قائد ولاز  جي اسٽريٽ / گهٽي نمبر  هڪ ۾ غيرقانوني قرار ڏنل بنگلا ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاٿيون ويون آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويندو، ان لاءِ ڪنهن به بااثر يا ملڪ رياض جو ڪو به دڙڪو دهمان قبول نه ڪنداسين. اڄوڪي ڪارروائي به سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڪئي وئي آهي.

ڪراچي:بحرياٽائون جو عملو ايس بي سي اي کي ڪم کان روڪيندي(سنڌسماءَچار فوٽو)

ايس بي سي اي عملدار ٻڌايو ته رهائشي  علائقي ۾ ڪو به ڪمرشل پلازا نه ٿو ٺاهي سگهجي، ڪارروائي دوران بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي آفيسر ڪئپٽن رٽائرڊ زاهد اعواڻ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي کي ڪاارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪين به ڏنيون، ايس ايس بي سي اي جي عملدار ٻڌايو ته، ساڻن گڏ موجود پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئجي بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي عملي کي اسان جي خلاف ڪا به ڪارروائي يا سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ کان منع ڪئي پر هُو مسلسل دڙڪا دهمان ڏيندو رهيو، بعد ۾ پوليس کيس اتان هليو وڃڻ تي مجبور ڪيو. ايس بي سي اي عملدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، هنن گڏاپ پوليس سان به رابطو ڪيو پر انهن سندن فرياد تي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ واري شڪايت تي  سندن ڪا به مدد نه ڪئي، هنن سان جيڪي اهلڪار  اڳ ئي ڊيوٽي تي موجود هئا اُهي ساڻن آخري وقت تائين گڏ هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *