Thursday , April 25 2024

بحرياٽائون نامنظور: سڄي سنڌ هڪ پيج تي، بحريا ٽائون آڏو ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڪراچي سميت سپر هاءِ وي تي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ مِڙي هڪ ٿي وئي، سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن مان قافلا مرڪزي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ منزل طرف روان دوان، جلال محمود شاهه چيو آحي ته ڌرڻو پرامن هوندو، حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش جي ذ۾يوار حڪومت هوندي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ قافلن کي روڪڻ کان پاسو ڪري. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بحرياٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ڊي ايڇ اي سٽي خلاف سپر هاءِ وي تي بحرياٽائون جي مک دروازي آڏو اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ قافلو ڌرڻي ۾ شسرڪت لاءِ روانو ٿيو. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قافلو گلشن حديد مان روانو ٿي رهيو آهي.

ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن مان نڪتل قافلن کي پوليس پاران ڪرونا ايس او پيز جو بهانو ڄاڻائي روڪڻ جا به اطلاع آهن.  مختلف شهرن ۾ پوليس ڌرڻي ۾ ويندڙ قافلن جي گاڏين کي چيڪنگ جي بهاني روڪي ٽائرن مان هوا ڪڍي ڇڏي، جنهن   بعد ڪارڪن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا ويا. جڏهن ته ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

فيض گنج ۾ پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جو اتحاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *