Saturday , May 21 2022
uren

باضميري ۽ بي ضميريءَ وچ ۾ ڦاٿل سنڌ ڪيس! _ سڪندر علي هليو

sikander

قومن جي تاريخ کي بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جا ڪيترا فريم هوندا آهن. اڄڪلهه پاڻ واري هزارين سالن جي تاريخ وري سنڌ کي بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جو جيڪو فريم استعمال ٿي رهيو آهي، اهو بدقسمتيءَ سان باضميري ۽ بي ضميري جي وچ ۾ بحث هيٺ آهي. هن ئي اخبار ۾ سالن کان سنڌ ۽ وفاق جو مقدمو لڙندڙ ضمير گهمري جي ڪالم شايع ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيل بحث ۾ ٻه چار جوابي ڪالم شايع ٿيا آهن. ان کان وڌيڪ تيز تبرا مهڻن، طعنن ۽ گارين جي شڪل ۾ سوشل ميڊيا ۽ خصوصن فيس بوڪ تي هلندڙ آهن. الزام هيٺ اول ضمير گهمرو آهي، پوءِ پ پ پ آهي ۽ آخر ۾ آصف علي زرداريءَ جي ذات آهي. جوابي ڪالمن ۽ الزامن وارا ماڻهو چون ٿا ته اهي ٽئي سنڌ سان سچا ۽ باضمير نه رهيا آهن. بار بار بحث گذريل ڏيڍ ٻن سئو سالن تائين تاريخ ۾ وڃي ٿو ۽ آخر ۾ اڄوڪي سنڌ اندر پ پ جي خراب حڪمراني ۽ گورننس تي بيهي رهي ٿو. زمان حال کي زمان ماضيءَ سان جنهن طرح سان ڳنڍيو ۽ ڀيٽو وڃي ٿو، تنهن بابت هر ڪنهن جو پنهنجو نقطهءِ نظر آهي ۽ ڪوشش اها ٿي رهي آهي ته ثابت ڪجي ته ضمير گهمري جو بيانيو (Narrative) درست نه آهي. ضمير جيئن ته وڪيل آهي ۽ برطانيا مان بئريسٽري به ڪري آيو آهي، ان ڪري اهو گمان ڪرڻ ته هو ڪا اهڙي ٻاراڻي ڪري سگهي ٿو، سمجهه کان ٻاهر آهي. هو جيئن ته اڃان به مڊل ڪلاس جو ماڻهو آهي ۽ پنهنجي سوچ ۾ سنڌ دوست ۽ مجموعي طرح سان قومرپست آهي، ان ڪري هن جي ان تعارف يا صلاحيت تي به شڪ گهٽ ٿئي ٿو. اڄڪلهه جيئن ته هو سنڌ حڪومت جو سرڪاري وڪيل يا ايڊووڪيٽ جنرل آهي ۽ سنڌ حڪومت پ پ جي آهي ۽ پ پ جي قيادت زرداري صاحب وٽ آهي، ان ڪري ٻن سئو سالن جي تاريخ کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ حوالا ڏيندي جوابي دليل ڏيندڙ اهو وساري ويهن ٿا ته تاريخ جو به پنهنجو هڪ حساب ڪتاب ٿيندو آهي. تاريخ رڳو فوتگين يا دستاويزن جو نالو ناهي هوندو، پر ان جو تسلسل حال سان ۽ اڃان به وڌيڪ سبق مستقبل لاءِ هوندو آهي. ماضي، حال ۽ مستقبل جي امتزاج سان دليل ڏيندي سنڌ جو وڪيل ٿيندي ضمير گهمري جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ آخر ۾ اهو چيو آهي ته اڄڪلهه سنڌ ۽ ان جي حاڪميت ۽ وسيلن جي حوالي سان پ پ پ ۽ قومپرستن جو موقف تقريبن ساڳيو وڃي بيٺو آهي ته اها هڪ مثبت ڳالهه آهي.

هاڻي ٿوري دير ضمير صاحب يا ان جي ذات بجاءِ ۽ جوابي ڪالمن ذريعي اهلِ علم ۽ اهل دانش دوستن جي ڳالهين کان هٽي ڏسون ته سنڌ اڄ کان هڪ سئو سال اڳ ڪٿي بيٺل هئي ۽ ايندڙ پنجاهه يا سئو سالن ۾ سنڌ ڪٿي بيهندي؟ اهل دانش ۽ ڌڻين جو ڪم اهڙي رهنمائي ڪرڻ هوندو آهي، نه ڪي اٻهرائپ ۽ ڇسائپ جو مظاهرو ڪرڻ- اڄڪلهه سنڌ جو وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه آهي ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت قائم آهي. پاڪستان جي ستر سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ته ڪنهن به ڌر جي ايترو وقت حڪومت قائم هجي، سو به ايترن سالن لاءِ. پر اها به حقيقت آهي ته خراب حڪمرانيءَ جي ڪري سنڌ ۾ سروسز جي اڻاٺ ۽ پنهنجا نوازي سبب ميڊيا، ڪورٽون ۽ عوام ناخوش آهي ۽ سندن حڪمرانيءَ جي حوالي سان ماڻهن جي ڪاوڙ يا ردِعمل فطري آهي، جيڪو قطعي غلط به نه آهي. حڪمرانيءَ جي بهتري لاءِ پ پ حڪومت مٿان دٻاءُ وڌڻ گهرجي ۽ ان جو اظهار سياسي هئڻ گهرجي، جيڪا هن قوم جي اجتماعي بصيرت ۽ ميراث جو حصو آهي. هن ئي پ پ پ پاران مڪاني حڪومتن جي نظام واري تڪڙ ۽ واپس وٺڻ وارن حڪمن کي مجموعي طور سڄي قوم بشمول پ پ پ جي ماڻهن ممڪن بڻايو هو.

هاڻِ اچو ته هلون هڪ سئو سال پوئتي، يعني جون 1917ع ۾، جڏهن سنڌ مٿان انگريز حاڪميت جو دور هو. اڄوڪي سنڌ ان وقت بمبئي جو هڪ انتظامي يونٽ هئي ۽ هڪ ڪمشنر نالي هينري اسٽيولي لارنس ڪنهن گورنر جيان حاڪم هو. بمبئيءَ کان نڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد هلي، سو تاريخ جو هڪ دور آهي ۽ ان ۾ ڪيترن ئي ڌرين جو حصو رهيو. سر شاهنواز ڀٽو به ان جي ڪيليدي ڪردارن مان هو، پر ان حوالي سان خانبهادر کهڙي کان وٺي غلام حسين هدايت الله، شهيد الله بخش سومري کان وٺي تڏهوڪي سرموڙ قيادت کي ياد نه ڪرڻ ۽ صرف ڪنهن هڪ شخصيت کي ڪريڊٽ ڏيڻ زيادتي ٿيندي. اها روش انا کي تسڪين ته ڏئي سگهي ٿي، پر تاريخ جي فهم، ادراڪ ۽ منطق کي مڃائي نٿي سگهي.

تاريخ جو هڪڙو ٻيو باب آهي، جيڪو ڏهه سال اڳ 27 ڊسمبر 2007ع تي بند ٿئي ٿو. ضمير جي ٿيوريءَ جو هڪ اهم نقطو اهو به آهي. ڀٽي صاحب جا دشمن ۽ آمريتن جا دوست به مڃين ٿا ته تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ هو سرخرو ٿيا ۽ اڄ سنڌ جي به سڃاڻپ آهن. ڇا هنن کي ڊس اون يا پنهنجو نه ڪرڻ ۾ اسان تاريخي بديانتي جا مرتڪب نه ٿينداسين؟ ڀٽي صاحب جي ڪمن ۾ جيڪو سڀ کان مٿان ۽ اڄ به فخريه ڪم آهي، سو 1973ع وارو آئين آهي، جنهن جديد ۽ اڄوڪي ملڪ بشمول سنڌ جو جمهوري بنياد وڌو. بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت مٿان تارا مسيح جهڙا ڪردار قابض ٿيڻ ڪري ان ئي آئين ۾ صوبائي خودمختياري ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي ۽ صوبن ڏانهن سروسز ۽ محدود حاڪميت منتقل ٿيڻ واري ڪوشش اڌوري رهجي وئي، جيڪا ڀٽي صاحب جي نياڻي ٻه دفعا حڪومتن ۾ اچڻ کانپوءِ به عددي اڪثريت نه هئڻ ڪري آئيني ترميم نه ڪرائي سگهي.

هاڻي اچون ٿا ضمير جي ٿيوري جي آخري نقطي ڏانهن جنهن هيٺ هو چوي ٿو ته آئيني تاريخ جو باروقار حصو آهي ته ملڪ ۾ ارڙهين آئيني ترميم تحت صوبن ڏانهن اختيار پ پ پ پنهنجي گذريل وفاقي حڪومت ذريعي منتقل ڪيا ۽ ان وقت ايوان صدر ۾ سندس شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ويٺل هو. ماڻهن جي نيتن جي ته قدرت کي خبر، پر آئين ۾ تاريخي ترميم اڄوڪي صوبائي اختياري جو بنياد وڌو آهي. گذريل پنجن ستن سالن کان مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ اقتداري اختيارن جي جنگ آهي. پ پ ڪالهه مرڪز ۾ هئي ۽ اڄ سنڌ صوبي جي حڪومت ۾  آهي. ان جي نون سالن جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيدون به آهن ته صلاحون به آهن. ان عدم ڪارڪردگيءَ جو ادراڪ ڪندي پ پ خود پنهنجو ضعيف العمر وزير اعليٰ به تبديل ڪيو آهي ته اڄوڪي انتهائي قابل ۽ ڦڙت مراد علي شاهه کي ذميواريون ڏنيون آهن، جيڪو اڄڪلهه مرڪز سان ناڻي، پاڻي ۽ اختيارن جي ويڙهه ۾ رهي ٿو. پ پ پ جي خراب گورننس ۽ آئيني ويڙهه ڪندي مرڪز کان اختيار وٺڻ ٻه الڳ الڳ موضوع آهن. جيئن خراب ڪارڪردگيءَ مٿان تنقيد ٿيڻ گهرجي، تيئن بهتر آئيني پوزيشن وٺڻ ڪري ان جي تعريف به ٿيڻ گهرجي. ان ئي تنقيد جي نتيجي ۾ پ پ ٻٽي نظام وارو حڪمنامو واپس ورتو هو. ان ڪري مثبت تنقيد سنڌ ۾ گورننس سڌاري سگهي ٿي ۽ اهو ئي اڄوڪي سنڌ جو اصل چيلينج آهي. ضمير جو آخري نقطو به اهو ئي آهي ته پ پ پ ۽ قومپرست فڪر جي وچ ۾ نظرياتي فاصلو يا فرق يا ته گهٽجڻ يا يڪراءِ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي. ان تناظر ۾ اها ڪيڏي وڏي آئيني قانوني ڪاميابي آهي، جو پ پ جهڙي ڪٽر وفاقي جماعت وقت ۽ حالتن جي پيشِ نظر ۽ زيادتين ڪري پنهنجي هوم گرائونڊ يا سنڌ صوبي يا حڪومت جي طرف بيٺل آهي. ان ڪري جديد سنڌي قومپرست فڪر جي باني سائين جي ايم سيد جي 1940ع واري قرارداد جي پس منظر ۾ 1942ع ۾ پاڪستان جي قيام واري قرارداد وارو نقطو کڻي پاڻ سڀ گڏجي وفاق سان سنڌ جي حقن جو مقدمو تيار ڪري لڙي سگهون ٿا. ان ڪري هن وقت ضمير جي کل لاهڻ يا پنهنجي دانشوري ۽ تنقيد جي مهارت ڏيکارن بدران وقت اهو آهي ته آئيني ويڙهه وڙهي وفاق کان صوبي جو حق حاصل ڪجي. ان سان گڏ پ پ پ ۾ به قومپرست فڪر جي اهل ديد ماڻهن لاءِ به هيءُ موقعو آهي. اچو پنهنجي قومي هيرن ۽ ڪردارن کي لوئڻ بجاءِ ساراهيون. پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت مٿان بهتر حڪمراني ۽ سروسز لاءِ دٻاءُ وڌايون، ان جي آئيني ۽ قانوني ويڙهه جي پٺڀرائي ۽ مالڪي ڪريون ۽ هن سڄي بحث کي باضميري ۽ بي ضميريءَ مان ڪڍي باڪردار ۽ باعمل بڻايون. مون کي قوي اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي حاڪميت جي مُهابي هي عرضداشت قبولي ويندي ۽ ان کي ذاتيات جي حوالي نه ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *