Thursday , March 28 2024

باجوا ڊاڪٽرين جو 18 هين ترميم سان واسطو ناهي، ان جو مقصد صرف امن آهي:ميجر جنرل آصف غفور باجوا

راولپنڊي ( سنڌسماءَچار      مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف ۽ شهباز شريف وچ ۾ 72 ڪلاڪن دوران 2 ڀيرا ملاقات وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، باجوا ڊاڪٽرين جو مقصد امن آهي ان جو 18هين ترميم يا عدليا سان ڪو به تعلق نه آهي.راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف ۽ شهباز شريف وچ ۾ رڳو فون تي رابطو ٿيو هو جنهن دوران سرحد تي ڪنڊيدا تار لڳائڻ واري معاملي تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته آرمي چيف ۽ شهباز شريف وچ ۾ ڳجهي ملاقات جو تاثر ڏيڻ ۽ اهو چوڻ تو ڪو اين آر اچي رهيو آهي، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي. سندس چوڻ هو ته باجوا ڊاڪٽرين جو مقصد امن آهي ان جو 18هين ترميم يا عدليا سان ڪو به تعلق نه آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي چيف جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ ملڪ جو به عوام به امن چاهي ٿو.پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ ڪراچي ۾ امن واپس اچي پيو، هاڻي ڪراچي ڪو به نوگو ايريا نه آهي.

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف به تربت جو دورو ڪيو، هن چيو ته تربت ۾ هڪ شو به ڪيو ويو جنهن ۾ 10 هزار شهري شريف ٿيا جيڪا ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته هاڻي بلوچستان ۾ امن قائم ٿي رهيو آهي.  سندس چوڻ هو ته ڪراچي۾ امن واپس اچي رهيو آهي،ڪراچي 2013 کان هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته 2017 ۾ ڪراچي ۾ 70 نوگو ايريا هئا  پر هاڻي شهر ۾ شٽربند هڙتال جو ڪو به تصور نه آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪراچي ۽ لاهور جا اسٽيڊيم بحال ٿي چڪا آهن، پي ايس ايل جي ميچ هاڻي فيصل آباد، راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ به ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ سيڪيورٽي ادارن جو ڪردار اهم آهي،ڳجهن ادارن جي مدد سان افغانستان مان آيل 16 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته عام چونڊون پاڪ فوج نه پر اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي پاڪ فوج آئين موجب عام چونڊن لاءِ هر ڪم ڪندي. پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي آهي، خطي ۾ مان قائم ڪرڻ لاءِ دنيا کي پاڪستان جي ڪردار کي مثبت انداز ۾ ڏسڻو پوندو. پاڪستان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو ته ان سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهچندو ۽ غيرمستحڪم پاڪستان ڀارت جي مفاد ۾ نه آهي. آصف غفور چيو ته پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج سي پيڪ آهي، جيڪي ماڻهو پاڪستان کي امن ڏانهن ويندي نٿا ڏسي سگهن اهي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا آهن ته جيئن سي پيڪ کي نقصان پهچي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت 2017 ۾ ايل او سي تي سڀ کان وڌيڪ ڪارروايون ڪيون ۽ 2018 جي شروعات به 2017 کان ڌار ناهي ، ڀارت کي ڪنٽرول لائن تي ڀڃڪڙي ختم ڪرڻي پوندي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڀارت غير زميواراڻي رياست جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. آمريڪا سان لاڳاپا اڃا تائين بهتر نه ٿيا آهن، اڃا تائين ڳالهيون هلي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *