Thursday , March 28 2024

بااثر قانوني شخصيت نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف ريفرنسز داخل ڪرڻ لاءِ نيب تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي: احسن اقبال

Ahsan Iqbal 01

لاهور: وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پارليامينٽ کي بيوس بڻايو پيو وڃي، بااثر قانوني شخصيت ريفرنسز داخل ڪرڻ لاءِ نيب تي دٻاءُ وجهي پئي، پراڻا ڪيس کلڻ سان انارڪي پکڙجندي، ڪجهه ادارا پارليامينٽ جي حدن ۾ داخل ٿي حق غصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ هر اداري جون حدون مقرر ٿيل آهن پر پارليامينٽ کي بيوس بڻايو پيو وڃي، ڪجهه ادارا پارليامينٽ جي حدن ۾ داخل ٿي، پارليامينٽ جا حق غصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گهرو وزير چيو ته نواز شريف پنهنجي منصب جو خيال نه ڪندي ٽن نسلن جي احتساب لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو پر کيس وزيراعظم جي حيثيت ۾ هٽايو ويو ۽ اپيل جو حق به نه ڏنو ويو، جڏهن ته آرٽيڪل 10 اي ان ڳالهه کي پابند بڻائي ٿو ته شفاف ٽرائل هر شخص جو بنيادي حق آهي، نائب قاصد کي به برطرف ڪيو وڃي ٿو ته ان کي به اپيل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو آهي. افسوس جو ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي برطرف ڪرڻ کانپوءِ کيس اپيل جو حق نه ڏيڻ ڇا قانون جي حڪمراني آهي؟، هن چيو ته ڪاش پرويز مشرف واري معاملي تي به نگران جج مقرر هجي ها، جيڪڏهن 10 يا 15 سال پراڻا ڪيس کولڻ جي روايت پئي ته انارڪي پکڙجندي.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته بااثر شخصيت پاران نيب آفيسرن کي گهرائي پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ وارو عمل انصاف جون گهرجون پوريون نٿو ڪري، نيب کي مجبور ڪيو ويو ته حديبيه ڪيس کوليو وڃي، نواز شريف سان تمام وڏي زيادتي ڪئي وئي پر ان سان سندس قد ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته عوام جي بالادستي کي غلط طريقي سان چئلينج ڪيو ويو ته آئين جا بنياد ڪمزور ٿيندا، اميد آهي ته چيف جسٽس انصاف جون گهرجون پوريون ڪندو. هن چيو ته ڪجهه بقراط ۽ سقراط مايوسي جون ڳالهيون پکيڙي رهيا آهن، ملڪ ۾ استحڪام ۽ يڪجهتي قائم رهندي ته ڪا به سازش ڪامياب نه ٿي سگهندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *