Friday , March 29 2024

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ     سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي امڙ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ تصديق ڪري ڇڏي. نوازشريف ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي امڙ شميم بيگم لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ تصديق ڪندي چيو آهي ته، شميم بيگم ڪافي عرصي کان بيمار هئي، لنڊن ۾ سندس علاج هلندڙ هو پر هوءَ بيماري کان زندگي جي جنگ هارائي وئي. 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل شميم بيگم جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو يا لنڊن ۾ ئي دفنايو ويندو ان بابت شريف خاندان اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪري سگهيو. شميم اختر علاج لاءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي جتي هن دم ڏنو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نواز شريف پاڻ پنهنجي امڙ جو مڙهه ڏيهه کڻي اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شريف فئملي جي ٻين فردن جي راءِ آهي ته شميم بيگم جو مڙهه لنڊن ۾ ئي دفنايو وڃي ۽ ان لاءِ شحباز شريف عدالت کان اجازت وٺڻ لاءِ سومر / سڀاڻي 23نومبر تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري جنهن سان گڏ ان درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي ڪرڻ جي به درخواست داخل ڪئي وڃي. واز شريف جي امڙ شميم بيگم هلندڙ سال جي فيبروري مهيني دوران پاڪستان کان لنڊن وئي هئي، جتي نواز شريف جي پٽن ۽ پنهنجي پوٽن وٽ رهندي هئي، نواز شريف جي لنڊن علاج ڪرائڻ لاءِ ويل نواز شريف به ساڻس گڏ پٽن وٽ رهندو آهي، نواز شريف به علاج لاءِ حڪومتي اجازت کانپوءِ لنڊن ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *