Friday , April 19 2024

اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر مگسي جي سيڪريٽري سڪندر مگسي پاران جرڳو، ابهم ٻار تڙپي تڙپي فوت

مير نادر مگسي جي سيڪريٽري سڪندر مگسي جرڳو ڪري ٽن مهينن جي معصوم پٽ سميت 3 ٻارڙا زبردستي مڙس حوالي ڪرايا، 3 مهينن جو پٽ ٿڃ نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو:ماءُ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) صوبائي وزير  مير نادر مگسي جي سيڪريٽري سڪندر مگسي ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪري معصوم ٻارڙي کي ماءُ کان ڌاري ڪري ڇڏيو، عورت جو اُبهم ٻارڙو ماءُ جي ٿڃ نه ملڻ سبب روئي روئي ساهه ڏئي ڇڏيو، عورت جو چوڻ آهي ته مڙس پاران ڪارنهن جو الزام مڙهڻ جو جرڳو ڪري سڪندر مگسي مڙس کان ڌار ڪري معصوم ٻارڙا به ان جي حوالي ڪري ڇڏيا، جتي ٽن مهينن جو پٽ ٿڃ ن ه ملڻ جيڪري مري ويو، مونسا انصاف ڪيو وڃي. وارهه ويجهو  ڳوٺ دري ماڇي واسڻ ثمينا سولنگي الزام هنيو آهي ته، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس مڙس ٽوهه عرف انب ماڇي ڪارنهن جو الزام هڻي تشدد ڪرڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو هو. حمل ٿاڻي تي پهتل ثمينا سولنگي پوليس کي ٻڌايو ته، مڙس پاران سندس مٿان لڳايل ڪارنهن واري الزام جو مير دانر خان مگسي جي سيڪريٽري رئيس سڪندر مگسي شهدادڪوٽ ۾ جرڳو ڪيو، جنهن ۾ منهنجا ٻار مونکان وٺي مڙس حوالي ڪرڻ حڪم ٻڌايو ويو.

حمل ٿاڻي تي پهتل عورت جي بيان بابت پوليس ذريعن کان مليل ڄڻ مطابق، عورت ثمينا سولنگي جي دعويٰ آهي ته، جرڳي مان هڪ مرد اچي مونکان ٽي ٻار کسي منهنجي مڙسٽوهه عرف انب سولنگي جي حوالي ڪيا جن ۾ ٽن مهينن جو معصوم پٽ به شامل هو. عورت جو چوڻ هو ته هن ٽن مهينن جو پٽ واپس ڪرڻ لاءِ دانهون ڪيون پر ڪنهن به هڪ نه ٻڌي، اُلٽو سندس مڙس والد خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو. ثمينا سولنگي چيو ته ماءُ جي ٿڃ  نه ملڻ ڪري سندس ٽن مهينن جو پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ثمينا سولنگي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ساڻس انصاف ڪري اولد وپس ڏياري وڃي ۽ معصوم پٽ جي ٿڃ نه ملڻ سبب فوت ٿيڻ واري معاملي جو به ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *