Saturday , April 20 2024

اٽارني جنرل خالد جاويد خان پهرين ڏينهن ئي حڪومت جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو

عدليا تي تنقيد برداشت ڪرڻي پوندي آهي، اسان فيصلن ۾ ڳالهائيندا آهيون: جسٽس عمر عطا بنديال

اٽارني جنرل خالد جاويد خان پهرين ڏينهن ئي حڪومت جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران نئين مقرر ڪيل اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان حڪومت جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، خالد جاويد خان سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس ۾ حڪومت پاران پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي اڄ سُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس تي دليل ڏيڻا هئا، پر هُن اهڙو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪندي وفاقي سرڪار طرفان دليل ڏيڻ کان عدالت آڏو  معذرت ڪندي چيو ته هُو هن ڪيس ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته التوا ڏيڻ ۾ مسئلو نه آهي، پر ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ڪابه التوا نه ڏينداسين. حڪومتي وڪيل ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عدالت اڳيان پيش ٿئي. سُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز خلاف ريفرنس تي ٻڌڻيءَ دوران قرآن پاڪ جي آيتن جو به ذڪر ٿيو. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ قرآن پاڪ مان رهنمائي ورتي ويندي آهي، سوره الحجرات ۾ آهي ته گمان نه ڪريو اهو گناهه آهي، اهو به آهي ته جاسوسي نه ڪريو، اهو به گناهه آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اخبارن ۾ پڙهي تڪليف ٿي، مون ڪجهه غلط ناهي چيو، رڳو آواز وڏو هو.

جسٽس عمر عطا بنديال سوره آل عمران جو به حوالو ڏنو ۽ ريمارڪس ۾ چيو ته عدليه تي تنقيد برداشت ڪرڻي پوندي آهي، اسان فيصلن ۾ ڳالهائيندا آهيون. ٻڌڻيءَ دوران قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته هن درخواست ۾ کيس ڌُر بڻايو ويو آهي، تنهن ڪري دليل ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن عدالت بهتر سمجهي ته هو حڪومت جي نمائندگي به ڪري سگهي ٿو. جنهن تي پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين طرفان فروغ نسيم کي دليلن لاءِ اجازت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. جسٽس قاضي محمد امين وفاقي وزير فروغ نسيم سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان قانون واري وزير جي حيثيت سان دليل نٿا ڏئي سگهو، توهان کي پهرين استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. فروغ نسيم چيو ته درخواست سندس خلاف آهي، تنهن ڪري دليل ڏئي سگهي ٿو. جنهن بعد عدالت سندس خلاف درخواست تي ذاتي طور دليل ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *