لاڙڪاڻو (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪجهه مهينا اڳ ايڪسائيز کاتي ۾ ڀرتي ڪيل ڪامياب اميدوارن کي اڃا تائين جوائننگ آرڊرز ناهن ڏنا ويا، متاثرن ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر کين اڃا تائين آفر آرڊرز به جاري ناهن ڪيا ويا. ايڪسائيز کاتي مختلف قانوني مرحلا مڪمل ڪرڻ بعد کين ڀرتي ڪرڻ باوجود آفر آرڊرز نه ملڻ تي متاثرن فياض شاهه، مصطفيٰ ڀٽو، نالي مٺو ميراڻي، نثار ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته 2017 ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ انسپيڪٽر جي خالي پيل جاين تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ورتا ويا هئا. هنن چيو ته ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد سموريون گهرجون پوريون ڪيون پر هن وقت تائين کين آفر آرڊرز ناهن ڏنا ويا، جنهن ڪري اميدوارن ۾ مايوسي ڇانيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته کين جوائننگ آرڊر ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
Tags Excise Department sindh Excise police
Check Also
رتو ديرو جي ڊاڪٽر جي لاپرواهي، نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ ٻانهن ڪاٽي وئي،سڄي حياتي لاءِ معذور
Share this on WhatsAppلاڙڪاڻو( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتو ديرو جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽر جي …