Friday , April 19 2024

ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي

ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ ۾ صفائي واري عملي طور وائيٽ ڪالر ماڻهن جي ڀرتي ٿيل آهن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا: صفائي واري ملازمن جو الزام

فيض گنج  ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) خيرپور جي پٺ تي پيل تعلقي فيض گنج جي ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي بااثر ايڊمنسٽريٽر سنڌ حڪومت جي حڪمن جي خلاف ورزي، صفائي واري عملي جي پگهارن مان غيرقانوني طريقي سان ڪٽوتيون ڪرڻ لڳو، ملازمن جو چوڻ آهي ته انتظاميا گذريل ڪيترن سالن کان پگهارن مان ڪٽوتين جا لکين رپيا انتظاميا ڦٻائي رهي، شڪاتين باوجود ڪير به دانهن ورنائڻ وارو ناهي، پنهنجون حق گهرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽس کاتي جي ملي ڀڳت سان صفائي وارن ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتيون ڪرڻ بند ناهن ڪيون، ٽائون آفيسر سنڌ حڪومت پاران پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25  هزار رپيا مقرر ڪرڻ ۽ پگهارن ۾ ڪٽوتيون نه ڪرڻ وارن حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو آهي، پگهارن ۾ ڪٽوتين خلاف ملازمن مسلسل ٻه ڏينهن احتجاج ڪيو پر سندن ڪنهن به دانهن نه ورنائي.

ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي صفائي وارن ملازمن احتجاج ڪرڻ دوران ميڊيا آڏو دانهيندي چيو هو ته، ٽائون جو ٽائون آفيسر، اڪائونٽس جا ڪلارڪ اسان جي هر مهيني پگهار مان 8 هزار رپين کان وڌيڪ ڪٽوتي ڪندا رهن ٿا، احتجاج ڪرڻ تي مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ۽ ڌماڪيو به وڃي ٿو پر ڪير به دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.ملازمن پاڪ ڪتاب ۽ سڪل مانيون هٿن ۾ کڻي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري شهر جي مک چوڪ تي احٽجاج ڪندا رهياسين پر اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽائون آفيسر الاهي بخش سيال، اڪائونٽنٽ ڪلارڪ نديم ملاح ۽ اسلم شر سميت ڪنهن به لاڳاپيل اختياري نوٽيس ناهي ورتو، هنن جو چوڻ هو ته ٽائون ڪميٽي پاران ڀرتي ڪيل وائيٽ ڪالر ماڻهن کي به ڀرتي ڪيو ويو آهي جيڪي گهر ويٺي 18-18 هزار پگهار کڻي رهيا آهن، پر اسان جي پگهارن مان به ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن. ملازمن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي پگهارن ۾ ڪٽوتين جو نوٽيس وٺي هيل تائين ڪيل ڪٽوتين واري رقم واپس ڏياري وڃي ۽ پگهارون ڪيش بدران اي جي آفيس ذريعي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اماڻيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *