Friday , April 19 2024

اين اي250ننڍي چونڊ، ڪاميابي تي جيالن جو جشن – سنجهورو ۾ غربت کان تنگ عورت 4 ٻارن سميت زهر پي ڇڏيو

نجما لغاري غربت کان تنگ اچي پاڻ ۽ چئن ٻارن کي زهر پياري آپگهات وارو عمل ڪري 18هين ترميم، 1973 جي آئين، پ پ پ جي چونڊيل سنڌ حڪومت خلاف ڪا وڏي سازش ته ناهي ڪئي…

ڪراچي (سٽون: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) عين ان وقت جڏهن  گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 تي ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي اميدوار سردار محمد بخش مهر پنهنجي ڀاڻيجي ۽ آزاد اميدوار احمد علي مهر کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ته نه رڳو گهوٽڪي پر سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ٽوئيٽر سميت سماجي رابطن جون ويب سائيٽ هجن يا موبائل فونز سادا ميسيجز پ پ لاءِ هڪ جشن جو ماحول هو، ” بَجا تير بجا“ تي سڀ نچي ڪڏي رهيا هئا. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن ۾ سردار محمد بخش مهر جي ڪامياقبي کان جڏهن تڪ جي پولنگ اسٽيشنز تان فارم 45 ملڻ ۾ دير ٿي رهي هئي ته بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ پيغام گردش ڪرڻ لڳو، ان جا مختلف چئنلز تي ٽِڪَر به هليا جن ۾ بلاول جو پيغام هو ته ” جيالو فارم 45 وٺڻ کانسواءِ پولنگ اسٽيشنز تان نه وڃجو“.

ڀلا پ پ ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي ته ان سان مونکي ڪهڙو مسئلو آهي؟؟ ها ! بلڪل اهو سوال ته پنهنجي جاءِ تي آهي ۽ ان جو جواب به مون وٽ آهي، اهو هن طرح سان آهي ته؛

عين ان وقت سنجهورو ڀرسان ڳوٺ محرم لغاري ۾ هڪ عورت غربت، بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو يقينن ڪو تڪڙو فيصلو نه هوندو. 35 سالن جي نجما لغاري زال راز محمد لغاري  پنهنجن چئن ٻارڙن ست ورهين جي اُجالا، 14 سالن جي ريحان، پنج سالن جي اقرا ۽ ٽن سالن جي امبر لغاري کي زهر پياري پاڻ به بچيل زهر پي ڇڏيو. نجما لغاري جنهن نيت سان زهر پيتو ته هاڻي سندس ۽ ٻارن جي غربت مان جا آجي ٿي ويندي. زندگي نجما ۽ سندس ٽن ٻارڙن جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندس ٽن سالن جي نياڻي اُجالا جي زندگي جو ڏيئو اجهامي ويو. نجما، ٽن ٻارن 14 سالن جي ريحان، 5 سالن جي اقرا ۽ ٽن سالن جي امبر جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي، جنهن سبب ٽنهي ٻارن کي نوابشاهه ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

۽ ها ! پيپلز پارٽي جي قيادت، ايندڙ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جشن ملهائيندي، جيلا ” بجا تير بجا “ تي نچندا رهندا ۽ نه ڄاڻ ڪيتريون نجما جهڙيون امڙيون غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجنديون رهنديو. نجما جي مڙس راز محمد لغاري جهڙا هزارين نوجوان پنهنجن ڳوٺن، ويجهن شهرن يا وري ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ مزدوري لاءِ نڪتل هوندا، جتي کين روزگار ملندو به الائي نه جي ملندو ته اُهو سندن ٻچن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ جيترو هوندو به الائي نه……

پر ها ”ڀٽو آج ڀي زندهه هئي، هر گهر سي ڀٽو نڪلي گا“…….

مان سوچيان ٿو ته ڪٿي نجما لغاري اهڙو قدم کڻي ارڙهين ترميم، 1973 جي آئين، پ پ پ جي چونڊيل سنڌ حڪومت خلاف ڪا وڏي سازش ته ناهي ڪئي………..

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *