Thursday , April 25 2024

اين ايف سي تي ڌاڙو هنيو ويو ته صوبا ٽيسڪز پاڻ وصول ڪندا،پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جو چتاءُ

اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي: رضا رباني ۽ مشاهدالله خان

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ پاران آرٽيڪل 160 ۾ ترميم جي صورت ۾ ٽيڪسز وصولين جو اختيار صوبن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاران اين ايف سي جي ورڇ بابت آئيني شق ۾ ترميم جو مسودو پيش ڪيو ته پيپلزپارٽي، نون ليگ، جي يو آءِ ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين ان جي مخالفت ڪئي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني، نواز ليگ سينيٽر مشاهد الله خان، جي يو آءِ ف سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ٻين چيو ته آرٽيڪل 160 ۾ ترميم ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اسان به اهو مطالبو ڪنداسين ته سمورن ٽئڪس اوڳاڙي جا اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن، وفاق هر سال پنهنجي بجيٽ جا خرچ صوبن اڳيان پيش ڪري، صوبا خرچن جي منظوري ڏيڻ بعد بجيٽ لاءِ پئسا ڏيندا. هنن چيو ته اين ايف سي سميت ارڙهين ترميم سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي، صوبن جي خودمختياري سان ڇيڙ ڇاڙ جا نتيجا انتهائي خراب نڪرندا، جن کي برداشت ڪري ئي نه ٿو سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *