Thursday , March 28 2024

اين ايف سي مان ڪا به ڪٽوتي قبول نه ڪنداسين:صوبائي وزير اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير اسماعيل راهو، وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ صوبائي دشمني ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي نڪري پئي آهي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، نام نهاد تبديلي حڪومت کي پنهنجا واعد پورا ڪرڻ گهرجي، آئيني ادارن ۽ آئين سان هٿ چراند ڪرڻ بند ڪري. جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته هڪ وفاقي وزير ڪراچي جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ ٻيو وري اين ايف سي ايوارڊ مان حصو ڪٽڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پهرين ٽاسڪ فورس ڪي پي ڪي ۾ ٺاهڻ گهرجن کين سنڌ جو فڪر نه ڪرڻ گهرجي. اسماعيل راهو چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبن ۾ مداخلت ڪرڻ بدران انهن کي پنهنجو حق ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي عوام ۾ پهرين ئي احساس محرومي آهي، کين وڌيڪ ڀت سان لڳائڻ واري عمل کان پاسو ڪيو وڃي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، فاٽا صوبن جو نه پر وفاق جو مسئلو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *