Friday , March 29 2024

اين آر او گهرڻ جي ڳالهه ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس: اپوزيشن ليڊر شهباز شريف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نون ليگ طرفان حڪومت کان اين آر او گهُرڻ بابت ثابت ٿي ويو ته سياست ڇڏي ڏيندس، اين آر او تي لعنت وجهان ٿو، حڪومت اين آر او گهرندڙن جا نالا ظاهر ڪري، وزيراعظم پاڻ حڪومتي ميمبز کي اين آر او ڏنو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر شهبازشريف چيو ته نون ليگ طرفان حڪومت کان اين آر او گهُرڻ بابت ثابت ٿي ويو ته مان سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته، حڪومت اين آر او گهرندڙن جا نالا ظاهر ڪري، مان اين آر او تي لعنت ڪيان ٿو. مسلم ليگ ن جي صدر  چيو ته وزيراعظم پاڻ حڪومتي ميمبز کي اين آر او ڏنو آهي، ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم جي دوستن کي اين آر او ڪنهن ڏنو. هن چيو ته اسان کي ڌمڪين ذريعي ڊيڄاري نٿو سگهجي، مشرف دور ۾ به جيل برداشت ڪيا ۽ ڪيسز کي منهن ڏنو. اپوزيشن ليڊر چيو ته ڇا عمران کي خواب آيو ته مان نيسلن منڊيلا پيو بڻجان؟ نيلسن منڊيلا ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو، يوٽرن نه وٺندو هو. هن چيو ته، وزيراعظم کان پڇو ته کانئس ڪنهن اين آر او گهريو آهي، وزيراعظم عمران خان اين آر او بابت ايوان ۾ اچي جواب ڏئي، عمران ٻڌائي ڪنهن، ڪڏهن ۽ ڪنهن جي سامهون اين آر او گهريو،اپوزيشن ليڊر چيو ته، چيو ويو ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، اين آر او نه ملندو،  پيپلزپارٽي اڳواڻن کي به نوٽيسز ملي رهيا آهن.هن چيو ته  اسان دنيا جي ڀيٽ ۾ ٿوري وقت ۾ منصوبا مڪمل ڪيا، فواد چوڌري مطالعو ڪري، هوا ۾ تير نه هلائي.هن چيو ته سعودي عرب اسان جو قابل اعتماد دوست آهي، سعودي حڪومت کي نه پاڪستانين کي پيڪيج ڏنو آهي،  پيڪيج ڏيڻ تي ايوان کي سعودي عرب جا ٿورا مڃڻ گهرجن. شهباز شريف چيو ته، سعودي عرب پيڪيج حڪومت کي نه پر 22 ڪروڙ عوام کي ڏنو آهي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته، 75ڏينهن ۾ حڪومت رڳو مهانگائي جا بم ڪيرايا آهن. ڪشمير بابت ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ظلم تي ڀارت کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. هن چيو ته جيل ۾ اخبارون نه ملنديون آهن، حالتن جي ڄاڻ نه پئي، عالمي طاقتون اسرائيلي دهشتگردي تي خاموش آهنشهباز شريف چيو ته نوازشريف ماضي ۾ آمريڪا جي 5 ارب ڊالرز جو پيڪيج ٿڏي ڇڏيو هو. هن چيو ته، هڪ ڪروڙ روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري هنن عوام کان ڳڀو ڦري ڇڏيو آهي.  ڀاڻ جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هارين کي بجلي جا اگهه وڌائي هڪ ٻي مصيبعت ۾ ڦسايو ويو  آهي. شهباز شريف چيو ته هنن ته سي پيڪ کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سعودي عرب هجي يا ايران يا وري چين، پاڪستان انهن دوستن کي پري نه ڪري. اپوزيشن ليڊر چيو ته پاڪستان تي جڏهن پابنديون لڳايون ويون، تڏهن سعودي عرب نواز حڪومت جي دور ۾ پاڪستان کي ٽن سالن تائين مفت ۾ تيل فراهم ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *