Thursday , April 25 2024

اينٽي  ڪرپشن جي فيلڊ آفيسرز لاءِ قانوني معاملن بابت تربيتي پروگرام

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي جي فيلڊ آفيسرز جَي ٻن ڏينهن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن تي تربيتي پروگرام جي تقريب ۾ جسٽس محمد  علي  مظهر، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز اقبال ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي. جسٽس محمد علي مظهر، چيف سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن تربيتي پروگرام ڪرائڻ ۽ فيلڊ آفيسرز کي اينٽي ڪرپشن قانون بابت تربيتي پروگرام ڪرائڻ تي ڊائريڪٽر ليگل قدير احمد انصاري کي تعريفي شيلڊ به ڏنو.

ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ ڊائريڪٽر ليگل قدير احمد انصاري جو چوڻ هو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جو سنڌ حڪومت جي سمورن ادارن مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار آهي، ان لاءِ فيلڊ آفيسرز کاتي جو اثاثو آهن، انهن کي هر طرح جي قانون خاص طور تي اينٽي ڪرپشن لاز کي سمجهڻ ضروري آهي. معاشري مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *