Saturday , April 20 2024

ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ مان 440 ڀوتارن جو ڪلب ختم ختم ٿي ويندو: علي قاضي

حيدر آباد (رپورٽر    سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو آهي ته حيدرآباد واري ڪالهوڪي جلسي ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا، حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي قاضي چيو ته 2018ع جون چونڊون 2013ع وارين چونڊن جيان تڪراري نه هونديون، سنڌ جا ماڻهو هيل سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندا، اهو بيانيو هاڻي تبديل ڪرڻو پوندو ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ جو حق رڳو 440 ڀوتارن کي ئي آهي.تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو هاڻي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان جو اظهار هنن حيدرآباد واري ڪالهوڪي جلسي دوران ڪيو. سنڌ جي باري ۾ اهو بيانيو تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ته هتي رڳو 440 ڀوتارن کي ئي سياست ڪرڻ جو حق آهي.

حيدرآباد ۾ تبديلي پسند پارٽيءَ جي وڏي عوامي جلسي کي خطاب کانپوءِ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ علي قاضي چيو ته پارٽيءَ جو منشور ۽ ٻيا تفصيل جلد عوام لاءِ پڌرا ڪيا ويندا. اسان جو ون لائينر منشور سٺي حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي آهي. سنڌ ۾ 440 ڀوتارن جي هڪ پاور ڪلب ٺهيل آهي، جنهن ۾ شامل ماڻهو پارٽيون تبديل ڪري بار بار اقتدار ۾ اچن ٿا ۽ ان ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي حالت ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪا به تبديلي نه آئي آهي.

هن چيو ته، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، ٽٽل روڊ، انتها تي پهتل ڪرپشن، آبادگارن کي فصلن جا اگهه نه ملڻ، تعليم ۽ پيئڻ واري پاڻيءَ جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ وارا مسئلا سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ هر هنڌ موجود آهن ۽ انهن سمورن مسئلن جو حل اسان جي نظر ۾ سٺي حڪمراني ذريعي ئي ممڪن آهي. تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه چيو ته سٺي حڪمراني تڏهن قائم ٿيندي، جڏهن سنڌ جا لکين ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي پنهنجا اميدوار پاڻ چونڊيندا. هن چيو ته 2018ع واريون چونڊون 2013ع جهڙين چونڊن جيان تڪراري نه هونديون. سنڌ جو عوام هيل سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو. علي قاضي چيو ته سنڌ 2018 جي چونڊن ۾ پنهنجو نئون تعارف ڪرائيندي ۽ سنڌ جو اهو تعارف پولنگ اسٽيشنز تي نظر ايندو. هن چيو ته  صحافت کي خير باد چئي سياست ۾ قدم رکيو آهي ۽ پنهنجي ان فيصلي تي تمام گهڻو خوش آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *