Friday , March 29 2024

ايم ڪيو ايم اين ايف سي تي راتاهو هڻائڻ لاءِ سرگرم،19هين ترميم سينيٽ ۾ پيش

ڊڪيٽرز جي ساٿاري ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف اين ايف سي سان تان صوبن جو حق کسڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيون

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پرويز مشرف جي اڳوڻي ۽تحريڪ انصاف جي موجده اتحادي صوبن جي خاص طور تي سنڌ جي معيشت تي راتاهو هڻڻ لاءِ قانون سازي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي ويجهي ساٿي ۽ ايم ڪيو ايم جي موجوده اڳواڻ بئريسٽر سيف، وفاقي حڪومت جي هدايتن تي اين ايف سي تان صوبن جو حق ختم ڪرائڻ لاءِ 19هين آئيني ترميم جو مسودو تيار ڪري سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، مسودي موجب آئين جي آرٽيڪل 160 جي شق 3 ۾ ترميم لاءِ بِل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو بِل جي متن موجب قومي مالياتي ڪميشن جو مقصد وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ آهي، 19هين ترميم تحت صوبائي حصو گهٽ نه ڪري سگهڻ واري آئيني پابندي ختم ڪئي وڃي، آئين جي آرٽيڪل 160 جي شق 3 وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ورڇ لاءِ موجود فورم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت 67 سيڪڙو قومي خرچ برداشت ڪري ٿي پر اُن کي حصو 42 ڏهائي 5 سيڪڙو ملي رهيو آهي، بل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي ته جيئن صوبن جو حصو طئه ڪرڻ وقت قومي مالياتي ڪميشن وفاق جي ضرورتن ۽ قرضن جو جائزو وٺي اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪري سگهي.

سينيٽ ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سوڌو ٻين اپوزيشن جماعتن اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري متحده جي بِل جي مخالفت ڪري ڇڏي، پ پ سينيٽر رضا رباني، نواز ليگ سينيٽر مشاهد الله خان، جي يو آءِ ف سينيٽر مولانا غفور حيدري ۽ ٻين چيو آهي ته آرٽيڪل 160 ۾ ترميم ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اسان به اهو مطالبو ڪنداسين ته سمورن ٽئڪس اوڳاڙي جا اختيار صوبن حوالي ڪيا وڃن، وفاق هر سال پنهنجي بجيٽ جا خرچ صوبن اڳيان پيش ڪري، صوبا خرچن جي منظوري ڏيڻ بعد بجيٽ لاءِ پئسا ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *