Friday , April 19 2024

ايم پي اي احمد علي پتافي ڪئنسر سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارتي جو سينئر اڳواڻ ۽ گهوٽڪي مان چونڊيل ايم پي اي احمد علي پتافي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. احمد علي پتافي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو، جيڪو ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو. احمد علي پتافي جمعي ڏينهن ڪئنسر سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر پوڻ تي گهوٽڪي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي. احمد علي پتافي پ پ جي ٽڪيٽ تي 1988جي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ويو، هُو 4 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، پر ڪڏهن وزارت يا صلاحڪاري نه ملي سگهي.

احمد علي پتافي پ پ سان لاڳاپيل هجڻ باوجود سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف عوامي مسئلن خاص طور تي آبادگارن جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهندو. 2008 ۾ سنڌ اسيمبلي جي هڪ اجلاس دوران سارين جا بهتر اگهه نه ملڻ تي هن چيو هو ته “منهن به پنهنجو ۽ باقي اوهان سمجهي ويا هوندا، آبادگارن سان اهڙو قهر نه ڪيو جو سڀاڻي اُهي رستن تي نڪري اچن ۽ وري اوهان انهن تي لٺبازي ڪيو. سارين جي آبادگارن جو مسئلو حل ڪيو” احمد علي پتافي جي اهڙي موقف تي سمورا پ پ ايم پي ايز کيس تعجب مان ڏسندا رهيا.

احمد علي پتافي کي ٻن گهر وارين مان 16 ٻارن جو اولاد آهي جنهن ۾ اٺ نياڻيون ۽ 8 پٽن شامل آهن، سندس وڏو پٽ عبدالقيوم پتافي ايس ايس پي طور زميواريون نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته سندس هڪ نياڻي فضا بلوچ ناول نگار آهي. احمد علي پتافي جو مڙه ڪراچي کان ڳوٺ ڪينجهر نيو ويو جتي سندس جنازي نماز سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ادا ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *