Thursday , March 28 2024

ايم ايم اي، ن ليگ ۽ اي اين پي چونڊ نتيجا رد،ٻيهر چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) متحده مجلس عمل  ۽ ني ليگ جي ميزباني ۾ ٿيل اي پي سي ۾ شريڪ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين 25 هين جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جا نتيجا رد ڪري ٻيهر صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.شهباز شريف پاران مبينا ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ قيادت سان صلاح مشورن لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت گهر ورتي ۽ پ پ پ سان ڳالهين بعد حتمي فيصلو ڪرڻ جو فيصلو. ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين تي ويچارڻ لاءِ ايم ايم اي ۽ ني ليگ جي ميزباني هيٺ اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾اي پي سي ٿي، جنهن ۾ اي پي سي ۾ ايم ايم اي، ق ليگ، اي اين پي پارٽي جي اڳوانن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.

آل پارٽيز کانپوءِ ايم ايم اي سربراهه مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، اي پي سي ۾ سمورين پارٽين  متفقه طور تي چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو آهي ته چونڊن جا نتيجا رد ڪري بيهر صاف، شفاف ۽ آزداڻيون چونڊون ڪرايو وڃن. فضل الرحمان چيو ته، ڌانڌلين ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته، اليڪشن ۾ ڊرسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز ۽ رٽرننگ آفيسرز يرغمال بڻيل هئا، انهن ڌرين کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته اسان نتيجا قبول نه ٿيا ڪيون. عوام جو مئڊيٽ چوري ڪيو ووي آهي، ڌانڌليون ڪري کٽيندڙن کي پارليامينٽ وڃڻ نه ڏينداسين.

ان موقعي تي ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته، اليڪشن ۾ تاريخي ڌانڌليون ٿيون آهن، اسان نتيجن کي قبول نه ٿا ڪيون . ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائڻ واري نقطي تي اي پي سان کان مهلت گهري آهي، جنهن لاءِ پارٽي قيادت سان صلاح مشورا ڪرڻ بعد ئي ن ليگ ڪو فيصلو ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *