Friday , March 29 2024

ايس ايڇ او کان ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي تائين سياسي بڻيل پوليس

ايس ايڇ او کان ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي تائين سياسي بڻيل پوليس- اصغر آزاد

سنڌ جي پرامن سڏجندڙ ٿر کان وٺي ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ننڍي کان وٺي وڏا ڏوهاري موجود نه هجن. موهن لال جي اغوا تي هر پاسي کان دانهون آهن، انهن دانهن ۾ هڪڙيون دانهون پورهيت جي آزادي لاءِ ته ٻيون وري سردارن جي پيرن کان مٿي تائين چمڻ جهڙن لفظن واريون پوسٽون به نظر مان گذريون آهي.  ڪنهن سردار پورهيت جي وارثن وٽ پهچي سندن ڏک ونڊيو آهي ۽ سندس بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري پيو ته اها سٺي ڳالهي آهي، ان سان ڪو به اعتراض ناهي.

پر معاملو اهڙو سادو ناهي، جيئن آءُ مٿي چئي آيو آهيان ته، سنڌ جي پرامن سڏجندڙ ٿر کان وٺي ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي ڪنهن نه ڪنهن قسم جا ننڍي کان وٺي وڏا ڏوهاري موجود نه هجن. انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان علائقي جي وڏيري،  چونڊيل عوامي نمائندي يا وري الڪيشن وڙهندڙ سياسي وڏيري جي پٺڀرائي نه هجي، حد جي پوليس ڏوهارين انهن جي سهولتڪارن، سياسي وابسطگي، ڪٿي ڪٿي ته وري سول سوسائٽي سڏائيندڙن چڱن مڙسن جي وچ ۾ هجڻ بابت حد جي پوليس کي الف کان ي تائين سڀ خبر هوندي آهي.

حقيقتن اها آهي ته جيڪڏهن پوليس مان پنجاهه سيڪڙو سياسي ۽ نظر نه ايندڙ طاقتور ڌرين جي مداخلت ختم ڪئي وڃي ته ڏوهن تي به پنجاهه سيڪڙو ضابطو اچي ويندو.

هي سمورا سردار انهن ڏوهارين جا ساٿاري بڻيل رهيا آهن ۽ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن، پوليس انهن جي وڌيڪ ساٿاري آهي، ايس ايڇ او ۽ ٿاڻي جي وڏي منشي تائين سڀئي ڪنهن نه ايم پي ايم، ايم اين اي، حڪومتي سياسي پارٽي جي ضلعي اڳواڻ، بااثر سياسي اڳواڻن جا ماڻهو هوندا آهن، اُهي سرڪاري ملازم کان وڌيڪ انهن سياسي پنڊتن ۽ انهن جي ساٿين جا ملازم وڌيڪ هوندا آهن. مزي جهڙي ڳالهه ته ايس ايڇ او وري ان غير سرڪاري ملازم جي وڌيڪ ٻڌندو آهي جنهن کي پوليس جي  ٻولي ۾ ” بيٽر “ چوندا آهن، ان  ”بيٽرن “، جو هاڻي چولو به مٽجي ويو آهي، جيڪو مختلف شعبن سان واڳيل ماڻهن اندر به موجود آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *