Friday , April 19 2024

ايس ايس پي ملير رائو انوار تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش،پوليس جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

ملير ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏيءَ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ملير آفيس مان گهر وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٻن دهشتگردن قافلي تي حملو ڪيو. ملير ڪينٽ ويجهو ايس ايس پي رائو انوار جي گاڏيءَ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ گاڏي کي نقصان پهتو، جڏهن ته ايس ايس پي رائو انوار محفوظ رهيو.

پوليس ذريعن موجب اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب ايس ايس پي ملير رائو انوار پنهنجي آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٻن دهشتگردن سندس قافلي تي حملو ڪيو. ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ايس ايس پي رائو انوار سان فون تي رابطو ڪري خيريت ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.a

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *