Saturday , April 20 2024

ايس ايس پي سياستدانن خلاف ۽ آءِ جي پاران پوليس آفيسرز خلاف رپورٽس

آءِ جي سنڌ ڪليم امام سنڌ حڪومت کي وڻائڻ جي ڪوششن ۾ جنبي ويو، پوليس آفيسرز خلاف رپورٽس تيار

ڪراچي (رپورٽ:آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان صوبائي وزيرن خلاف رپورٽس تيار ڪري ميڊيا ۾ جاري ڪري ڇڏيون هيون، پر هاڻي ته وري آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز سميت 23 پوليس آفيسرز خلاف رپورٽس تيار ڪري ڇڏيون آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل صوبائي پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي ٿيل اجلاس ۾ آءِ جي اهڙي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام هُن مختلف وقتن تي اي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز سوڌو ٻين عهدن تي 23 آفيسرز خلاف جاچ رپورٽس چيف سيڪريٽري کي به اماڻيون آهن.  آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ڪميشن کي ٻڌايو ته هُن چيف سيڪريٽري ڏانهن ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر خلاف الزامن تي ٻڌل بيان گهرو کاتي ڏانهن اُماڻي وئي، ڪليم امام اجلاس کي ٻڌايو ته رٽائرڊ آر پي او سکر ذوالفقار شاهه خلاف الزامن تي ٻڌل رپورٽ چيف سيڪريٽري وٽ پيش ڪئي وئي هئي.

اُن کانسواءِ اڳوڻي ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا، ايس ايس پي ميرپور خاص جاويد بلوچ ۽ 18هين گريڊ جي آفيسر اعجاز هاشمي خلاف الزامن تي ٻڌل رپورٽس پيش ڪيون. آءِ جي چيو ته هُن ايس پي گلشن ڊويزن طاهر نوراني خلاف بداخلاقي جي جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي، ڪامران راشد خلاف الزامن جي رپورٽ گهرو سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي، پرنسپل ايس سي ٽي ڊي سي سڪرنڊ سرور ابڙو خلاف الزامن جي رپورٽ آڪٽوبر 2019 ۾ گهرو سيڪريٽري ڏانهن موڪلي، ايس پي جاچ ڏکڻ خالد ڪورائي خلاف الزامن جي رپورٽ به چيف سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي هئي. پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته، هُن ايس پي نثار چنا، ڊي آءِ جي آر ايف فاروق اعظم، ايس پي جاچ سي ٽي ڊي ڪراچي مرتضيٰ ڀٽو، الطاف لغاري، ڊي ايس پي فهيم فاروقي، ڊي ايس پي نيئر، ڊي ايس پي دوست محمد مڱريو ۽ ڊي ايس پي زاهد خلاف به جاچ رپورٽس موڪليون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *