Friday , March 29 2024

اندرون پنجاب جي مختلف علائقن پشاور ۽ اندرون خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلو 25 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ڪيترائي زخمي

اندرون پنجاب جي مختلف علائقن پشاور ۽ اندرون خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلو 25 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ڪيترائي زخمي

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، اندرون پنجاب جي پنجاب، پشاور ۽ اندرون خيبرپختونخوا جي مختلف زلزلو، 25 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع 120 کان وڌيڪ زخمي، فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل. آزاد ڪشمير جي ميرپور سميت مختلف علائقن ۾ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلو پنج ڏهائي 8 رڪارڊ ڪيو ويو، فوتين ۽ زخمين جي انگ ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، اندرون پنجاب جي خوشاب، سرگوڌا، فيصل آباد، گجرانوالا، ميانوالي، منڊي بهاءُ الدين، ملتان، اوڪاڙا، قصور، خانيوال، گجرات، ڪامونڪي، شيخوپوره، پاڪ پتن، سيالڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

پشاور ۽ اندورن خيبرپختونخوا جي چارسده، ايبٽ آباد، باجوڙ، نوشهره، مانسهره، بٽ گرام، شانگلا، بونير، اپر دير، لوئر دير، چترال، مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ به زلزلو آيو، جنهن جي  نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن جون ڀتيون ڊهي پيو، روڊ ڏرا ڏئي ڦاٽي پيا، مختف علائقن ۾ ڪچن گهرن جون ڇتيون ڪرڻ جا ب ه اطللاع مليا آهن.

ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جو زور پنج ڏهائي 8 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، زلزلي جو زور رڪارڊ ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز اندرون پنجاب جي جهلم جي اُتر طرف 5 ڪلوميٽر پري هڪ علائقو هو ۽ زلزلي جي زمين ۾ اونهائي 9 ڪلوميٽرز تائين هئي. زلزلي جا لوڏا 15 کان 20 سيڪنڊس تائين محسوس ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *