Thursday , March 28 2024

اسپيڪر آغا سراج دراني پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان کي وري پيئڻ جي صاف پاڻي تي ڳالهائڻ نه ڏنو،ذهني مريض قرار

آغا سراج دراني-فائل فوٽو       خرم شيرزمان – فائل فوٽو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران هڪ ڀيرو ٻيهر پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ واري معاملي تي ڳالهائڻ تان، اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ پي ٽي آءِ ايم پي  اي خرم شير زمان وچ ۾ تڪرار ٿي پيو، ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، پيپلز پارٽي خرم شير زمان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو، پي ٽي آئي جو ايم پي اي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.خرم شير زمان اسپيڪر تي ڪرپشن جا الزام لڳايا، جڏهن ته آغا سراج دراني کيس ذهني مريض قرار ڏئي ڇڏيو. صوبائي وزير نثار کهڙي  پي ٽي آئي جي ايم پي اي  جي خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيو،هن چيو ته ايم پي اي اسپيڪر جي خلاف اڻ وڻندر لفظ استعمال ڪيا.هن چيو ته اسپيڪر جي چيئر مقدس آهي، ايوان جا سمورا ميمبر اسپيڪر اڳيان جوابده آهن.نثار کهڙي مطالبو ڪيو ته خرم شير زمان کي معطل ڪيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي ايم پي اي  خرم شير زمان پنهنجي تڪ پي ايس 112 ۾ پيئڻ جي پاڻي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس  پيش ڪرڻ جي اجازت گهري،جنهن دوران هن جي اسپيڪر سان جهڙپ ٿي پئي. اسپيڪر خرم شير زمان تي زور ڀريو ته هو پنهنجي نوٽيس تائين محدود رهي،پر بدتميزي نه ڪري .خرم شير زمان اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ايوان ۾ وزيرن کي بچائڻ لاءِ ويٺا آهيو ۽ توهان تي به ڪرپشن جا الزام آهن. هن چيو ته مان پنهنجي تڪ جي عوام لاءِ ڳالهائيندس جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري، ان موقعي خرم شير زمان ايجنڊا جي ڪاپي به ڦاڙي ڇڏي. خرم شير زمان پاران ايجنڊا جي ڪاپي ڦاڙڻ تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته، مان ته پنجن سالن کان خرم شير زمان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ۽ اهو چوان پيو ته خرم شيرزمان ذهني مريض آهي. اسپيڪر چيو ته خرم شير زمان بدتميزي کانسواءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهي، مان اهڙن ماڻهن سان پڄڻ جي لائق آهيان. آغا سراج دراني چيو ته، مان جنهن پوزيشن ۾ آهيان،اهڙن ماڻهن جي منهن لڳڻ جو ڪوبه فائدو ناهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شوري خرم شير زمان جي روئي جي مذمت ڪئي. ان موقعي تي ايوان جانورن صحت بابت بل جي به منظوري ڏئي ڇڏي، اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *