Saturday , April 20 2024

اسلام آباد ۾ سياسي جنگ جا طبل وڄي ويا، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پيج تي

پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جا سمورا شرط مڃي ورتا، اعتبار ڏيارڻ لاءِ جلد ڪراچي ڊويزن ۾ اهم ڪامورن جون مقرريون بدليون ايم ڪيو ايم جي مرضيءَ مطابق ڪيون وينديون

پيپلزپارٽي نئين مڪاني نظام واري قانون ۾ ايم ڪيو ايم جي خواهش مطابق ترميم ڪرڻ، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، سنڌ بلڊڻگس ڪنٽرول اٿارٽي سميت مختلف کاتن ۾ ايم ڪيو ايم جي من پسند ڪامورن کي مقرر ڪندي

وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ ۽ ان جي ڪاميابي بعد پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ ٻه وزارتون ۽ 3 خاص معاون / صلاحڪارن جا  عهدا ڏيندي

ڪراچي / اسلام آباد ( اصغر آزاد / خاص نمائندو    سنڌسماءَچار ) اپوزيشن  پاران وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ کانپوءِ ملڪي سياست جو گرمي پد تيزي سان وڌي رهيو آهي، اپوزيشن بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ۽ حڪومت ناڪام ڪرائڻ لاءِ نَنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن. اپوزيشن جا مک اڳواڻ آصف زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان حڪومتي اتحادين کي ٽوڙي اپوزيشن سان سهڪار ڪرڻ تي ڪامياب ٿيندي نظر اچي اچي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان پاران اپوزيشن جي تحريڪ کي کي پارليامينٽ کان ٻاهر منهن ڏئي منجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ هن سومر ڏينهن پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس دوران 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ عوامي طاقت جو پاور شو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم اعلان ڪيو آهي ته 27 مارچ تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪري اپوزيشن خلاف عوام جو اعتماد حاصل ڪندو، جن هن مان لڳي ائين رهيو آهي ته اتحادي ۽ پي ٽي آءِ اندر سندس مقبوليت ۽ اعتماد گهٽجي ويو آهي ۽ بي اعتمادي واري رٿ تي پارليامينٽ اندر کيس شڪست اکين سان نظر اچي رهي آهي.

تحريڪ انصاف ۽ وفاقي توڙي پنجاب حڪومت ۾ سندس اهم ساٿي جهانگير ترين گروپ به سندس ساٿ ڇڏڻ طرف وڌي رهيو آهي. سومر ڏينهن لاهور ۾ جهانگير ترين گروپ جي هڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، پنجاب ۾ مائينس بوزدار اپوزيشن جو ساٿ ڏنو ويندو. حمزا شهباز شريف جي ترين گروپ سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ترين گروپ ايندڙ اليڪشن ۾ شهباز شريف شريف پاران وڏ وزارت ڇڏڻ ۽ حمزا شهباز کي وڏو وزير ڪرڻ واري شرط تي ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو شهباز شريف قبول ڪندي حمزا شهباز کي وڏو وزير بڻائڻ جي پيش ڪش ڪئي جيڪا ترين گروپ قبول ڪري ورتي آهي. ن ليگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ترين گروپ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ ۾ به اپوزيشن جو ساٿ ڏيندو ۽ جيڪڏهن پنجاب ۾ عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي واري رٿ آئي ته ان ۾ به اپوزيشن جو ساٿ ڏيندو. ن ليگ اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته ترين گروپ کانسواءِ پي ٽي آءِ جا به ڪيترائي ايم پي ايز هنن جو ساٿ ڏيندا، پر اُهي منظر تي نه ايندا. آصف زرداري حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم کي به پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، سومر ڏينهن ايم ڪيو ايم وفد زرداري هائوس اسلام آباد ۾ آصرف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن ناصر شاهه ۽ سعيد غني سان ملاقات ڪري سندن خدشا خترم ڪري سمورا شرط مڃي ورتا آهن، ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ ڀرپور حصو ڏيڻ، مڪاني ادارن واري نئين قانون ۾ سندن منشا مطابق ترميم ڪرڻ، ڪراچي ڊويزن ۾ سندن مرضي جا ڊي سيز، ايس ايس پيز، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۾ من پسند ڪامورن ۽ اهم عهدن جي ملازمن  جون مقرريون بدليون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ان عيوض ايم ڪيو ايم وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *