Saturday , April 20 2024

اسلام آباد: سنڌو طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين خلاف قومي اسيمبلي جي ڪميٽي پاران ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن ۽ پاڻي بجلي وارين ڪميٽيز گڏيل طور سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي ڌمڪين خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان جو علاج ڪالاباغ ڊيم ۾ ڳوليو ويندو آهي، حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي پَچر ڇڏي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري، فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ائين نه ٿئي جو سڀاڻي چيو وڃي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه رهي. سنڌ طاس معاهدي تي قومي اسميبلي جي پرڏيهي معاملن ۽ پاڻي بجلي وارن ڪميٽيز جو گڏيل اجلاس چيئرمين اويس لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽيز گڏيل طور سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي بيانن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عالمي بينڪ ڀارتي وزير اعظم جي بيانن جو نوٽيس وٺي. ڪميٽي ميمبر محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان جو علاج ڪالاباغ ڊيم ۾ ڳوليو ويندو آهي، ڪالاباغ ڊيم جي پَچر ڇڏي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار چيو ته ائين نه ٿيو ته حڪومت چئي ته هاڻي ڪالاباغ ڊيم منصوبي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ئي ناهي بچيو. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏني ويندي، اميد ته ورلڊ بينڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. سيڪريٽري چيو ته پاڻي اسان لاءِ اهميت رکي ٿو، نريندر مودي جي تڪراري بيان واري معاملي کي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري آڏو اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ برهان واني جي شهادت کانپوءِ سنڌ طاس معاهدي وارو معاملو اٿاريو، جيڪڏهن ڀارت معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پاڪستان وٽ مختلف آپشن موجود آهن. قانوني ماهر احمر بلال صوفي سنڌ طاس معاهدي تي قانوني معاملن تي ڪميٽيز کي آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي خلاف پاڪستان کي عالمي عدالت جو به در کڙڪائڻ جو به حق حاصل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *