Friday , March 29 2024

اسلام آباد: حسن نواز ۽ اسحاق ڊار اڄ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيا آهن

Ishaq Dar 0hASSAN nAWAZ1

پاناما ڪيس جي گهڻ رخي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ٿيل گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي اڄ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسحاق ڊار جي آءِ ٽي جي نوٽيس تي اڄ منجهند جو 3 وڳي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيو آهي.

گڏيل جاچ ٽيم پاران نوٽيسز جاري ٿيڻ بعد اسحاق ڊار ايف بي آر سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کان ضروري ڪاغذ پٽ به گهرائي ورتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار چيئرمين ايف بي آر، انڪم ٽيڪس ۽ هڪ آڊٽ ڪمپني کان به اهم دستاويز گهر ورتا آهن، جيڪي کيس مهيا ڪرڻ لاءِ آچر جي هفتيوار موڪل باوجود آفيسرن جو ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ اسحاق ڊار کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا، جن ۾ کيس 6 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو ويو هو. پر آچر تي شام جو کيس نئين سري سان نوٽيس جاري ڪندي سومر ڏهاڙي / اڄ منجهند جو پوري 3 لڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي کيس اهو به چيو آهي ته هُو اُهي سمورا ڪاغذ پٽ پاڻ سان گڏ کڻي اچي جيڪي کيس چيا ويا آهن.

اسحاق ڊار کانسواءِ وزيراعظم جو پٽ حسن نواز به 11هين وڳين جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *