Friday , March 29 2024

اسلام آباد: بلاگرز خلاف ڪيس داخل ٿيڻ ۾ ڪا به سچائي ناهي: چوڌري نثار جي وضاحت

اسلام آباد:

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار گم ٿيل بلاگرز بابت ميڊيا رپورٽس ۽ سوشل ميڊيا تي جاري پروئگينڊا جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته گم ٿيل بلاگرز تي ڪيس داخل ٿيڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، حڪومت سندن خيريت سان بازيابي تي سمورو ڌيارن ڏئي رهي آهي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري نثار چيو ته گم ٿيل بلاگرز بابت ميڊيا رپورٽس ۽ سوشل ميڊيا تي جاري پروپئگينڊا ۾ ڪا به صداقت نه آهي.
چوڌري نثار چيو ته بلاگرز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واريون خبرون کِل جوڳيون ۽ غير سنجيده آهن، ڪجهه عنصرن جو غلط ڄاڻ شايع ڪرڻ جو مقصد معاملي کي وڌيڪ منجهائڻ آهي.
وفاقي گهرو وزير چيو ته ناڪاري پروپئگينڊا ۽ غلط ڄاڻ شايع ڪرڻ بي حسي جو واضح ثبوت آهي، گم ٿيل بلاگرز جي بازيابي جي سلسلي ۾ هر ممڪن ڪوشش جاري آهي، حڪومت جو سمورو ڌيان ان تي ئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *