Tuesday , April 16 2024

اسرا يونيورسٽي ۾ بدانتظامي، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي عروج تي پهچي وئي

نظير اشرف لغاري پنهنجي هڪ پٽ بشير نظير لغاري ۽ زيد لغاري خلاف 45 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جا الزام ۽ مختلف ڪيس به داخل ٿيل آهن

 زيد لغاري تي 25 ڪروڙ رپين ۽ بشير لغاري تي 18 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن، جيڪي ٻئي ملڪ مان فرار آهن

حيدر آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) اسرا يونيورسٽي، اسپتال حيدر آباد ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا انتظامي بدانتظامي جي ور چڙهي ويا، يونيورسٽي ۾ شاگردن کان فيس بئنڪ پي آرڊر يا چيڪ جي صورت ۾ وٺڻ بدران روڪ رقم جي صورت ۾ وصولي ڪرڻ جو به انڪشاف. مختلف ڊونر ايجنسين جي مدد سان قائم ڪيل اسرا يونيورسٽي ۽ اسپتال حيدر آباد گذريل ڪيتري عرصي کان انتظامي بدانتظامين جي ور چڙهي وئي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نظير اشرف لغاري اسپتال کي ذاتي جاگير سمجهي پنهنجا نوازي جا نوان مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. اسا اسپتال حيدر آباد ۽ ڪراچي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ مالي بيضابطگين ۾ ملوث نظير اشرف لغاري قائدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي پنهنجي پٽ زيد لغاري کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پنهنجي والد جي ڏڍ تي ذاتي ڏوهاري ذهنيت جي هٿياربندن کي اسپتال اندر ۽ ٻاهر بيهاري ڇڏيو آهي جيڪي مريضن، مريضن جي وارثن ۽ مريضن سان عيادت ڪرڻ لاءِ ايندڙ توڙي ڪم ڪار سانگي سان ايندڙ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي ڀتو وصول ڪندا رهن ٿا. ڀتو نه ڏيندڙن سان انتهائي بدتميزي واري انداز ۾ پيش اچن ٿس، ڪيترائي ڀيرا ته انهن هٿياربندن پاران ماڻهن تي تشدد جا واقعا به پيش اچي چڪا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق اسرا يونيورسٽي ۾ داخلائون توڙي ٻين مدن ۾ ٿيندڙ وصوليون پي آرڊرز يا چيڪن بدران ضافي ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ وصول ڪيون وڃن ٿيون.

نظير اشرف لغاري پنهنجي هڪ پٽ بشير نظير لغاري جنهن جي خلاف هڪ ڪيس به

PPL116, 109- 4/2462 C، داخل آهي ان ڪيس ۾ بشير لغاري کي حيدرآباد جي مقامي عدالت رپورش قرار ڏنو هو، هن پنهنجي هڪ پٽ زيد لغاري جنهن تي 25 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ٻئي پٽ بشير لغاري جنهن تي 18 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي ٻنهي کي ملڪ مان فرار ڪرائي ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *