Thursday , March 28 2024

اسرائيلي فوج جي غزه ۾ بمباري جاري، وڌيڪ 2 فلسيطيني شهيد، انگ 4 ٿي ويو،12 سئو کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسرائيل خلاف فلسطين جي ٽين انتفاضه شروع ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل جي بمباري ۾ وڌيڪ 2 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا، چئن ڏينهن دوران شهيد فلسطينين جو انگ 4 ۽ زخمين جو 12 سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڇنڇر تي چوٿين ڏينهن به ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيل جي خلاف فلسطين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، هزارين فلسطيني مختلف شهرن ۾ رستن تي نڪري آيا، ان دوران فلسطيني نوجوانن اسرائيلي فوج سان ڇڪتاڻ به ٿي، اسرائيلي فوج احتجاجي مظاهرا ڪندڙن کي ڀڄائڻ لاءِ مٿن لڙڪ وهائيندڙ گئس جا شيل اڇلايا، جڏهن ته فلسطيني نوجوانن کانڀاڙين ۽ گليلين سان اسرائيلي فوج تي حملا ڪيا. جڏهن ته غزه ۾ پڻ اسرائيل جي فوج ٻئي ڏينهن تي به بمباري ڪئي، اسرائيلي جنگي جهازن ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير غزه جي ڏاکڻي علائقي ۾ بمباري ڪئي، جنهن سبب حماس جي ويڙهاڪ ونگ عزيودين القسام برگيڊ جا 2 ويڙهاڪ شهيد ٿي ويا، اهڙي ريت ٻن ڏينهن دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته چئن ڏينهن دوران زخمي ٿيل فلسطينين جو انگ 12 سئو کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. اسرائيلي فوج ڇنڇر ڏينهن رام الله جي علائقي ۾ هڪ چيڪ پوسٽ جي ڀرسان گذرندڙ هڪ فلسطيني ڇوڪريءَ کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بيت المقدس ۾ هڪ فلسطيني ڇوڪريءَ کي اسرائيلي فوجين رستي ۾ روڪي سندس چهري تان نقاب ڇڪي لاٿو ۽ ان کي رستي تي گهلي اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا. هوڏانهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ان عمل کي پوري خطي لاءِ انتهائي خطرناڪ عمل قرار ڏنو ويو. اجلاس ۾ شريڪ آمريڪا جي نمائندي نڪي هالي ٽرمپ جي فيصلي جو دفاع ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل کي اهو حق آهي ته هو ڪنهن به شهر کي پنهنجو گادي وارو هنڌ مقرر ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *