Saturday , April 20 2024

استعيفائن کانپوءِ لانگ مارچ به نواز شريف جي واپسي سان مشروط

پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته طاقتور ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته پارليامينٽ، حڪومت يا وري عمران خان کي آئيني مدي کان اڳ گهر ڀيڙو ناهي ڪرڻو: پ پ ذريعا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي حڪومت مخالف تحريڪ مونجهارن جي ور چڙهي وئي، پيپلزپارٽي پارليامينٽ مان استعيفائن کانپوءِ لانگ مارچ کي به نواز شريف جي ڏيهه واپسي سان مشروط ڪري ڇڏيو. حڪومت مخالف اپوزيشن جي يارنهن جماعتي اتحاد پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف مونجهارن جو شڪار ٿي وئي آهي، اتحاد ۾ شامل نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، پيپلزپارٽي سينيٽ ۽ ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري فيصلي کانپوءِ پي ڊي ايم جي لانگ مارچ لاءِ شرط رکي ڇڏيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، اڳوڻي صدر آصف زرداري جي هدايتن تي پيپلزپارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت نون ليگ ۽ پي ڊي ايم جي قيادت کي پيغام ڏياري موڪليو آهي ته، “ پيپلرپارٽي سينيٽ ۽ نڍين چونڊن ۾ حصو وٺندي، هُو ڪنهن به صوورت ۾ پارليامينٽ جو پليٽفارم خالي ڇڏي حڪومت کي واڪ اوور نه ڏيندي، جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته نه رڳو پ پ پر موجوده اپوزيشن خاص طور تي ن ليگ، جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پوندو، ان ۾ ايندڙ عام چونڊون، پارٽي جي اهم ۽ سرگرم اڳواڻن جي جون مختلف ڪيسن ۾ نااهليون به شامل آهن”. انڪري ئي پيپلزپارٽي پارليامينٽ مان استعيفائون ڏيڻ کي نواز شريف جي وطن واپسي سان مشروط ڪيوو هو ۽ هاڻي ٻئي مرحلي ۾ پي ڊي ايم پاران اسلام آباد ڏانهن اعلانيل لانگ مارچ کي به نواز شريف جي وطن واپسي سانن مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، پيپلزپارٽي اهو سمجهي ٿي ته طاقتور ڌريون ان ڳالهه تي متفق آهن ته پارليامينٽ، حڪومت يا وري عمران خان کي آئيني مدي کان اڳ گهر ڀيڙو ناهي ڪرڻو، ان جو مک ڪارڻ طاقتور ڌرين جا سمورا معاملا بخوبي ۽ سڌي نموني سان اڪلائجندا رهن ٿا، بلڪل اهڙي ريت جيئن پيپلزپارٽي جي گذريل وفاقي ۽ صوبائي حڪومت دوران  اڪلائجندا رهيا آهن. ذريعن موجب گذريل وڏي عرصي کان پيپلزپارٽي طاقتور ڌرين سان سنڌ حڪومت معرفت ئي پنهنجا معاملا اڪلائيندي رهي آهي ۽ اُهي به سنڌ حڪومت ذريعي ئي پيپلزپارٽي جي قيادت سان معاملا سِڌا ڪنديون رهن ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *