Friday , March 29 2024

اسان نواز شريف جو ساٿ ڏنو ۽ هن پٺي ۾ خنجر هنيو، هاڻي سندس بچڻ مشڪل آهي: آصف زرداري

Dadu Asif zardari

کپرو: اڳوڻي صدر آصف زرداري کپرو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان نواز شريف کي بچايو سندس اقتدار کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي پر هُن اسان جي پٺي ۾ خنجر هنيو. هن وزيراعظم نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ميان صاحب اوهان جو نشان شينهن آهي ته شينهن بڻجي ڏيکاريو.  پ پ اڳواڻ علي حسن هڱورو جي مانجهاندي جي دعوت ۽ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته حڪمران رڳو لوھ وڪڻڻ ڄاڻن ٿا کين اقتدار هلائڻ اچي ئي نه ٿو. هن چيو ته حڪمرانن کي چين سان واپاري لاڳاپن کي استعمال ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ئي نه ٿو اچي، کين خبر ئي نه آهي ته سي پيڪ ڇا آهي، اُهي صرف نالي ۾ نهال حڪمران آهن پر ملڪ هلائڻ سندن وس جي ڳالهه نه آهي.

پ پ ڇڏي ويندڙن بابت آصف زرداري چيو ته ڪنا بيضا پارٽي ڇڏي وڃي رهيا آهن، انهن کي وڃڻ ڏيو گند ٻين وٽ ئي چڱو آهي، اهڙڻ ماڻهن جي پارٽي ڇڏڻ سان جيالن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *