Friday , April 19 2024

”اسان جو لهجو ڇا هوندو،26ڊسمبر کانپوءِ ٻڌائينداسين“: مولابخش چانڊيو

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ”اسان جو لهجو 26 هين جنوريءَ کانپوءِ تبديل ٿي ويندو،حڪومت جو غير جمهوري رويو جاري رهيو ته جنگ ٿيندي“، اهڙو اعلان پيپلز پارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو نفيسيه شاهه سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي. نفيسه شاهه چيو ته وزيراعظم پنهنجي صلاحڪار شهزاد اڪبر ذريعي احتساب وارن معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. پ پ اڳواڻن سينيٽر مولابخش چانڊئي ۽ سيدا نفيسا شاهه چيوآهي ته  وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر احتساب الرحمان بڻيل آهي،هنن سوال ڪيو ته نيب آزاد ادارو آهي ته احتساب بابت وزيراعظم صلاحڪار ڇو رکيو؟ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻن چيو ته وزيراعظم نيب جي احتساب معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته وفاقي وزير مخالفن تي  الزامن هڻڻ کانسواءِ  ٻيو ڪو ڪم نه پيا ڪن.هنن واضح ڪيو ته حڪومت جمهوري رويو اختيار ڪندي ته اسان ان جا دوست آهيون. پ پ اڳواڻن حڪومت کي خبردار ڪيو ته ڪير ويڙهه ڪندو ته وڙهنداسين ڪير ماريندو ته مارينداسين. مولابخش چانڊئي چيو ته 26 ڊسمبر کانپوءِ اسان جو لهجو ٻيو هوندو،هن علامتي انداز ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪڪر گڏ ٿي رهيا آهن ۽ برسات پوڻ واري آهي. هنن چيو ته جيڪي اڊيالا اڊيالا جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي پاڻ به جيل وڃي سگهن ٿا. پ پ اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن نيب جو چيئرمين اڻ ڌريو آهي ته ان کي ثابت به ڪرڻو پوندو،اسان جنرل ضياءَ جي 10 سالن دوران مشڪلاتون برداشت ڪيون، ڪو اهو ته ٻڌائي نه فوجي آمر ڪٿي آهي؟.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *