Friday , April 26 2024

ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج، ملير پوليس جوابدار کي بچائڻ ۾ لڳي وئي

ڪراچي / فيض گنج / دادو ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) 4 ڏينهن اڳ ملير جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ ڏينهن ڏٺي جو وچ روڊ تي قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدار ۽ سندس ساٿين کي بچائڻ لاءِ ملير پوليس سرگرم ٿي وئي آهي، ٻي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل شبير شر عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. چار ڏينهن اڳ ملير جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ يوسي چيئرمين ۽ بااثر شخص رحيم شاهه پاران قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي کي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. فيض گنج ۾ ڪامريڊ غلام مرتضيٰ شر، تصور عبدالباقي، شازم خادم شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. احٽجاج ڪندڙن چيو ته ڪراچي شهر ۾ وچ روڊ تي قومپرست اڳواڻ کي گولين جي بک بڻايو ويو. هنن چيو ته زخمي ارشاد کي جوابدار طبي امداد ڏيڻ لاءِ کڻي وڃڻ نه ڏنو ويو ۽ هُو تڙپي تڙپي زندگي جي جنگ هارائي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار رحيم شاهه کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف دادو، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قومپرست اڳواڻ جو قتل مذمت جوڳو واقعوآهي، اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن. اڳواڻ جو چوڻ هو ته، رحيم شاهه سري عام نوجوان ارشاد کي قتل ڪيو ويو. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته، سنڌ پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران کيس تحفظ ڏئي رهي آهي.

ملير پوليس ۽ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي بااثر جوابدار کي بچائڻ لاءِ سرگرم:سنڌسماءَچار جا ذريعا

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ ۾ معلوم ٿيو آهي ته، ملير پوليس ۽ ڊي آءِ جي عامر فورقي جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي  پوليس بااثر جوابدار ۽ ن ليگ جي اڳواڻ رحيم شاهه کي بچائڻ لاءِ جاچ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي سرگرم ٿي وئي آهي. عامر فاروقي ملير ۽ ايسٽ ضلعي ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تان معلومات وٺڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه خاص ماڻهن (انهن ۾ ڪجهه ميڊيا جا نمائندا به شامل آهن) کي مدد لاءِ چيو آحي، جيڪي پنهنجي ڪم سان لڳي ويا آهن. ذريعن اعتماد سان اها دعويٰ ڪئي آهي ته، ڊي آءِ جي عامر فاروقي جوابدار رحيم شاهه جي موقف جي بنياد تي ئي رپورٽ تيار ڪندو. ان سان گڏوگڏ .حد جي پوليس هڪ طرفي ايف آءِ آر رحيم شاهه جي فرياد تي داخل ڪري ڇڏي آهي. رحيم شاهه ايف آءِ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڄاڻايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي بچائڻ لاءِ ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او شاهه لطيف سميت ملير جي جاچ پوليس به جوابدار کي بچائڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *