Wednesday , April 24 2024

احتساب بابت ن ليگ ايم اين خواجا سعد رفيق جو قومي اسيمبلي ۾ اعتراف

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ن ليگ ايم اين اي خواجا سعد رفيق قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو شريڪ، خواجا سعد رفيق انڪشاف ڪيو آهي ته احتساب لاءِ نيب کي هر دور ۾ سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اڄ به اهڙو عمل جاري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پاران ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار سعد رفيق جا پروڊڪشڻ آرڊرز جاري ڪرڻ بعد نيب لاهور کيس قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ پهچايو. خواجا سعد رفيق قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اعتراف ڪيو ته نيب مخالفن کي زير ڪرڻ لاءِ حڪومتن استعمال ڪيو. هن چيو ته، نيب جو قانون ”ڪارو قانون“ آهي، احتساب وارو عمل ڪنهن به صوپرت ۾ شفاف طريقي سان نه ٿي رهيو آهي. سعد رفيق ان ڳالهه جڪو به اعتراف ڪيو ته نون ليگ جي دور ۾ ٿيندڙ احتساب وارو عمل شفاف نه هو ۽ هُو ذاتي طور تي ان مان مطمئن نه هو. هن چيو ته پارليامينٽ خودمختيار ادارو آهي، اسپيڪر کي منهنجي پروڊڪشن جو آرڊر وقت تي جاري ڪيو وڃي ها ته اپوزيشن کي ايوان ۾ احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، ان عمل جي ذميوار صرف حڪومت ئي آهي.

خواجا سعد رفيق قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي حمايت ۾ تقرير ڪندي چيو ته، ٻڌڻ اچي پيو ته آصف زرداري کي به گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ملڪي حالتون ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن هلڻ شروع ٿي وينديون ۽ ملڪ ۾ انتهائي غيريقيني صورتحال پيدا ٿي ويندي. خواجا سعد رفيق اهو به انڪشاف ڪيو ته سندس هڪ انتهائي ويجهي دوست تي دٻاءُ وجهي سندس خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ملڪيتون ڪيترن ئي سالن کان ٽئڪس رٽرنز ۾ شامل ڪندو رهيو آهي انهن بابت ئي چارج شيٽ ڏئي ڪرپشڻ جا الزام هنيا پيا وڃن. خواجا سعد رفيق اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته، هاڻي کيس نظر اچي رهيو آهي ته، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جن ۾ پارليامينٽيرينز به شامل هوندا ان هن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويندو پر هُو ڪنهن کي به شيخن پويان يعني جيل ۾ ڏسڻ نه ٿو چاهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *