Thursday , March 28 2024

آصف علي زرداري ترڪي مان مليل ملڪيتن ۽ اولاد جي اثاثن جا تفصيل پيش ڪري:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(سنڌسماءَچاءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اين آر او ڪيس ۾ حڪم  تي نظرثاني واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت شهيد بينظير ڀٽو جي اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺندي آصف علي زرداري ۽ سندس ٻارڙن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اين آر او ڪيس ۾ جاري ڪيل حڪم بابت آصف علي زرداري جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  ٻڌڻي دوران آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري اٺ ڪيسن ۾ شريڪ جوابدار هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان قسم نامو نه ٿا ڏيڻ چاهيو ته ڀلي نه ڏيو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا اوهان سمورو رڪارڊ پاڻ ضايع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مون  رڪارڊ بابت رڳو امڪان ظاهر ڪيو آهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آرٽيڪل 184 جي شق 3 تحت آصف علي زرداري کان قسم نامو ورتو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوامي پيسو عوام مفاد بابت آهي، جنهن سبب اسان آرٽيڪل 184 جو استعمال ڪيو. چيف جسٽس چيو ته هي ڪرپشن جو معاملو نه آهي، اسان پنهنجي اختيارن کي وڌائي رهيا آهيون. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نظرثاني واري اپيل منظور ڪندي تفصيلن بابت جاري ڪيل حڪم واپس وٺي ڇڏيو. عدالت چيو ته آصف زرداري ترڪي مان ملندڙ اثاثن جا تفصيل فراهم ڪري. عدالت آصف علي زرداري ۽ سندس ٻارڙن جي اثاثن جا تفصيل 15 ڏينهن ۾ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 تائين ملتوي  ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *