Thursday , April 25 2024

آصف زرداري منهنجي تڪ اچي پيو، کيس ڀليڪار چوان ٿو: چوڌري نثار

chaudharry nisarAsif-Zardari

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اميگريشن ڊپارٽمينٽ کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري سان ڪابه ذاتي دشمني نه پر اختلاف راءِآهي  ۽ پ پ  وارا ذاتيات تي لهي ايندا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪنفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته آصف زرداري کي چڪري اچڻ تي ڀليڪار چونداسين ۽ کيس جلسي لاءِ سيڪيورٽي به فراهم ڪنداسين.

چوڌري نثار چيو ته آمريڪي شهرين کي ويزائون ڏيڻ حساس معاملو هوندو آهي ۽ گذريل حڪومت ۾ ڪيترائي ماڻهو بنا ويزا جي پڪڙيا ويا.

هن چيو ته ڪنهن به ملڪ لاءِ ويزا اهم هوندي آهي ، لاهور ۽ گوادر ۾ بنا ويزا جي پڪڙيل پرڏيهين کي آزاد ڪيو ويو.

چوڌري نثار اميگريشن ڊپارٽمينٽ کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته گذريل حڪومت کي اسلام آباد جي 400 گهرن بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته بنا ويزا جي مسافر کڻي ايندڙ ايئرلائينز تي 9 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌيو ويو ۽ ماضي ۾ پرڏيهه ۾ پاڪستاني سفير کي ويزا ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا.

چوڌري نثار چيو ته توهين آميز مواد سموري اسلامي دنيا جو مسئلو آهي ۽ توهين آميز مواد بابت فيس بوڪ انتظاميا مثبت جواب ڏنو .

وفاقي گهرو وزير فيس بوڪ جا 62 پيج ۽ 45 ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *