Friday , April 26 2024

آصف زرداري منهنجو سياسي مرشد آهي: مولابخش چانڊيو

mola bux chandioAsif Zardari

 پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته رَدُالنثار ٿئي ها ته آپريشن رَدُ الفساد شروع ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، ننڍن صوبن جي ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي، ڪراچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ عوام جي قربانين سان امن قائم ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو آهي ته آصف علي زرداري سندس سياسي مرشيد آهي، ننڍن صوبن جي ٻڌڻ وارو ۽ وفاقي پارٽي کان ڪوپڇڻ وارو ئي ناهي، نواز ليگ کي ننڍا صوبا وڻندا ئي نه آهن. هن چيو ته جيڪڏهن شروع ۾ ئي آپريشن ردالنثار ڪيو وڃي ها ته اڄ ردالفساد آپريشن جي ضرورت ئي نه پوي ها. ڪراچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ عوام جي قربانين سان امن قائم ٿيو آهي، چوڌري نثار جي گوڙ ڪرڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، سيوهڻ سانحي جي ذميوار سنڌ حڪومت ڇو آهي؟، دهشتگرد ته ٻاهران داخل ٿيا هئا. مولابخش چانڊئي ميار ڏيندي چيو ته وزير اعظم سيوهڻ ته آيو پر درگاهه تي نه ويو، ان مان ڪهڙو پيغام ڏنو ويو آهي. عرفان الله مروت جي پ پ ۾ شموليت واري سوال جي جواب ۾ مولابخش چانڊئي چيو ته، آصف علي زرداري سندس سياسي مرشد آهي پر هو بختاور ۽ آصفه ڀٽو جي ڳاليهن کي به رد نه ٿو ڪري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *