Friday , March 29 2024

آصف زرداري سميت 15 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيڻ ۽ جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ ايم اين اي آصف زرداري جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت آصف زرداري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽس جاري ڪندي ڪيس جي شنوائي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري 4 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت آصف زرداري کان سواءِ؛ نمر مجيد، اسلم مسعود، عارف خان، نصير عبدالله حسين لوٿا، عدنان جاويد، محمد عمير، محمد اقبال آرائين،اعظم وزير خان، زين ملڪ، مصفطيٰ ذوالقرنين ۽ ٻين جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

تفصيلي رپورٽ مطابق، ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ سمٽ بئنڪ جي مختلف ڪوڙن کاتن ذريعي غير قانوني طريقي سان ڏوڪڙ پرڏيهه موڪلڻ توڙي ٻين جي کاتن / اڪائونٽس ۾ منتقل ڪرڻ واري ميگا اسڪينڊل جي شنوائي ٿي. جيئن ئي عدالتي ڪارروائي شروع ٿي ته ، ايف آءِ اي پاران جوابدارن انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن جا وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ شهادت اعواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا. جوابدار انور مجيد عدالت ۾ ميڊيا جي موجودگي تي اعتراض ڪندي چيو ته توهان چيو هو ته ميڊيا نه هوندي جنهن تي ايف آءِ اي آفيسرن ميڊيا کي اشارو ڪندي پوئتي ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي طرفان جوابدارن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن موجب آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو 19 ۽ 20 هين نمبر تي آهي جڏهن ته فريال ٽالپر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ضمانت حاصل ڪري چڪي آهي، ايف آءِ اي طرفان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مفرور قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدارن کان جاچ لاءِ رمانڊ ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *