Friday , March 29 2024

آصف زرداري جو وارو شايد بعد ۾ اچي، خان صاحب جو وارو اڳ ۾ آهي: سعيد غني – آصف زرداري جي واري اچڻ جي ڳالھ پ پ وارن کي چيڙائي ڇڏيو

Nasir ShahSaeed Ghani 02

ڪراچي: اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب دوران آصف زرداري بابت عمران خان جي اعلان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي چيڙائي ڇڏيو آهي. صوبائي وزيرن کي ته جلد سڄي ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت ٺهندي نظر اچي رهي آهي.

آچر وري ڏينهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو هو ته، ” آصف زرداري تيار ٿي وڃ، شهبازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي کانپوءِ تنهنجي پويان اينداسين“. عمران خان جي اهڙي بيان بعد سنڌ جي سُڌسماءَ واري صوبائي وزير سيد ناصر شاھ کي ته تڪڙو ئي سڄي ملڪ ۾ پ پ جي حڪومت ٺهندي نظر اچي وئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان پهرين پنهنجي پارٽي ۾ موجود اڳواڻن ۽ پاڻ کي عدالتن مان آجو ڪرائي پوءِ آصف علي خان زرداري جو نالو وٺي. ناصر شاھ چيو ته جلد پ پ سڄي ملڪ ۾ حڪومت ٺاهيندي.

هن چيو ته عمران خان نقصان جي رستي تي هلي رهيو آهي، ان جو انداز درست ناهي، هن چيو ته پاناما معاملي ۾ سموري قوم نواز شريف جي خلاف هئي، عمران خان افراتفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن توهين آميز رويو رهيو ته گڏيل اميدوار تي ڪو به اتفاق راءِ نه ٿي سگهندو.

ڪراچي مان تازو ايم پي اي چونڊيل سعيد غني چيو آهي ته، عمران خان ٻين جي پويان وڃڻ کان اڳ ۾ ياد رکي ته هاڻي سڀني کان اڳ سندس ئي وارو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عمران خان ڳوليو نه لڀندو. سعيد غني سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، ” آصف زرداري جو وارو ته شايد بعد ۾ ايندو، ان کان اڳ خان صاحب جو وارو اچڻ وارو آهي“.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *