Friday , March 29 2024

آدمشماري ڪندڙ عملي کي معاوضو نه ملڻ وارو مامرو: سينسز ڪميشن سنڌسماءَچار جي خبر جو نوٽيس ورتو

census image1

ڪراچي ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي جي 100 کان وڌيڪ عملي کي معاوضو نه ملڻ واري مامري جي خبر سنڌسماءَچار تي ڇپجڻ واري مامري جو سينسز ڪميشن آف پاڪستان نيٺ نوٽيس ورتو آهي. آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي شهر اندر آدمشماري ڪندڙ تعليم کاتي جي ملازمن/استادن کي ڌيڍ مهيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود 100 کان وڌيڪ استادن کي معاوضو ادا ناهي ڪيو ويو. سينسز عملي کي معاوضو نه ملڻ واري مامري جي خبر سنڌسماءَچار تي جاري ٿيڻ جو، سينسز ڪميشن جي ترجمان حبيب الله خٽڪ سخت نوٽيس وٺندي مامري جاچ ڪرائي آهي.

سينسز ڪميشن اسلام آباد جي نمائندي سنڌسماءَچار کي فون ڪري اطلاع ڏنو ته، ڪراچي سائوٿ ضلعي ۾ آدمشماري ڪندڙ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عملي کي معاوضو ادا نه ٿيڻ جو ڪارڻ لاڳايپ اسسٽنٽ ڪمشنر جي لاپرواهي جو نتيجو آهي. ڪراچي سائوٿ جي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر معاوضي ملڻ کان رهجي ويل عملي جي فهرست وقت تي سينسز ڪميشن کي نه اماڻي هئي جنهن جي نتيجي ۾ معاملو رولڙي جو شڪار ٿيو آهي.

ان سلسلي ۾ سينسز ڪميشن ڪراچي جي هڪ نمائندي جو چوڻ آهي ته معاوضو ملڻ کان رهجي ويل سينسز عملي کي سندن معاوضو ڏيڻ لاءِ هيڊ آفيس مان رقم جاري ڪئي وئي آهي، هاڻي جلد چيڪ تيار ڪري 5 يا 6 جون تائين سينسز ڪندڙ عملي جي حوالي يڪيا ويندا، پر ان لاءِ لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر کي سينسز ڪميشن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻو پوندو، ڇو ته معاوضي ڏيڻ وارو معاملو سينسز ڪميشن اسلام آباد ۽ لاڳاپيل ڊي سيز ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ئي ڏسي رهيا هئا.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *