آصف زرداري جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪابينا ۾ ڦيرڦار فريال ٽالپر جي صلاح سان ڪرڻ جي هدايت

Asif Zardari & Murad shahFaryal

آصف علي زرداري سان دبئي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪري صلاحڪارن ۽ خاص معاونن جي استعيفائنکانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪابينا ۾ ڦير ڦار ڪرڻ واري معاملي تي به ڳالهيون ڪيون.

پ پ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب آصف زرداري وڏي وزير کي ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته سنڌ ڪابينا ۾ چونڊيل صلاحڪار مقر ڪيا وڃن ۽ موجود وزيرن جي کاتن ۾ به جيڪڏهن ردوبدل ڪرڻي آهي ته اها ڪئي وڃي، ذريعن جي دعوا موجب آصف زرداري 2 نوان صلاحڪار ۽ 3 خاص معاون جيڪي ايم پي اي هجن انهن کي ذمينواريون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

دبئي ۾ موجود هڪ ايم پي اي سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته ، آصف زرداري وڏي وزير کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته، سنڏ ڪابينا ۾ جيڪا به ڦيرڦار يا واڌارو ڪرڻو هجي ان بابت فريال ٽالپر کي لازمي طور اعتماد ۾ ورتو وڃي. ڇا آءِ جي سنڌ جي تبديل ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، واري سوال تي ايم پي اي جو چوڻ هو ته اڄوڪي ملاقات ۾ آءِ جي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي..

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *