ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هڪ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آهي. عمارت جي اندر موجود ماڻهن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. باهه وسائڻ ۽ عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فضائي آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي. فائربرگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته ممتاز منزل ۾ باهه پهريان 4 ماڙ تي لڳي هئي، جيڪا آهستي آهستي پنجين، ڇهين ۽ ستين ماڙ کي به وڪوڙي وئي. عمارت ۾ نجي ڪپنين جون آفيسون آهن، جنهن لڳ ڀڳ 60 ماڻهو موجود هئا. امدادي ڪارروايون جاري آهن
Check Also
سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي
سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …